پ پ ڪئنالن خلاف حڪومت کان ڌار ٿئي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي نائب صدر ستار رند ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڊارامي بازي بند ڪري، پ پ جيڪڏهن ڪينال رد ڪرائڻ ۾ سنجيده آهي ته وفاقي حڪومت کان ڌار ٿي وڃي، هنن چيو ته وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جي مرضي کانسواءِ ڪو به فيصلو نٿي ڪري سگهي، ٻيٽن تي قبضن واري آرڊيننس جيان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ جي به پيپلز پارٽي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر زرداري گرين پاڪستان جي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ ان ۾ ڇهه نون ڪينالن جي منظوري ڏئي، سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام ڪينالن جي منصوبن خلاف جدوجهد جاري رکندو، ڪينالن کي رد ڪرائڻ تائين احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري رهندو، 22 ڊسمبر تي سکر ۾ زبردست ريلي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.