ميرپورساڪرو/حيدرآباد(ن ع آ)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو دريا تي غيرقانوني ڪينالن ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو، ياسر جاکرو، ممتاز شيخ، مرتضي لاشاري، بشير سمون، حبيب الله پليجو، گلزار ڀرج، وسيم ڀرج، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پوليس چوڪي کان احتجاجي مارچ ڪري ساڪرو جي مين چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ،مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان ٺٽو ضلعي سميت سڄي سنڌ سڪي تباھ ٿي ويندي. سنڌو درياءَ سنڌين جي جان آهي سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال سنڌي ماڻهن جي لاشن تي ٺھندا سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ لاءِ وڙھندو ، هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پاڻي روڪي سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو مزاحمت ۽ مقابلو ڪندو. سڄي سنڌ پاڻي لاءِ جدوجھد جي ميدان تي آھي،هن چيو ته پاڪستان جي ماڻھن کي جوڙڻ جي ضرورت آھي پر ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ کي ورھائي ڇڏيو آھي. بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جا ماڻھو برابري واري جمھوريت ۽ پنھنجن وسيلن جي مالڪي چاھين ٿا. وفاق سنڌ سان بجلي، گئس، ٽيڪسن ۽ پاڻي جي سلسلي ۾ زيادتيون بند ڪري.