ڪراچي (رپورٽر)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي 26هين آئيني ترميم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيصلي تائين جڊيشل ڪميشن کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي، فيصلو اچڻ تائين هاءِ ڪورٽن ۾ نون ججن جي مقرري به بند ڪئي وڃي، شاهد خاقان عباسي جو موقف آهي ته 26هين آئيني ترميم کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل بئريسٽر معيز جعفري جي ذريعي درخواست داخل ڪئي، درخواست ۾ وفاق، سنڌ حڪومت، چيئرمين سينٽ يوسف رضا گيلاني کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياض صادق، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بڻائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.