لاڙڪاڻو ( رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي شھر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ليڊيز جيل روڊ تي 14 ورهين جي نينگر کي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو خبر موجب ڳوٺ ٻيلو مغيري جي رهواسي 14 سالا نينگر اسدﷲ مغيري کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ان موقعي تي نينگر جي امڙ لال خاتون مغيري روئيندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان دوا وٺڻ لاءِ لاڙڪاڻو آيا هئاسين ته ڳوٺ در محمد مغيري واسي جوابدارن علي بخش مغيري سڪندر علي ۽ علي شير مغيري منھنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا امڙ چيو ته جوابدارن جو اسان جي ذات وارن سان پراڻو تڪرار هلندڙ هو جن سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي پر ظالمن منھنجي معصوم پٽ کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي .