تنگواڻي ( رپورٽ: مھتاب ملڪ ) تنگواڻي ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، هٿياربند ٻن پورهيتن کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، جمال لنڪ روڊ تان هٿياربندن هٿياربندن جي زور تي ڊاٽسن ڊرائيور امان الله پهوڙ ۽ محمد نواز پهوڙ کي اغوا ڪري ورتو، اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهتا،گم ٿيل ڊاٽسن هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدار پورهيتن کي کڻي ڪچي طرف فرار ٿي ويا، ٻئي پاسي اغوا ٿيلن جو تعلق شڪارپور جي علائقي فيضو لاڙي سان ٻڌايو پيو وڃي، پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به اپاءُ نه کنيا آهن، مغوين جي گهرن ۾ سوڳ ڇانيل آهي، ٻئي پاسي تنگواڻي مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي.