لاھور(عمران شفقت) سينيئر صحافي ۽ ڪالم نگار وجاھت مسعود چيو آھي تھ ھتي سوال آھي تھ شهيد ڀٽو جيڪو آءِ ايس آءِ جو سياسي سيل بڻايو ان جي آئيني حيثيت ڇا آھي؟ پروجيڪٽ عمران 2011 ۾ تيار ٿيو اھو تھ ميثاق جمھوريت سان گڏ ئي شروع ٿي ويو ھيو،پابندي مڙهيل فنڊنگ جا معاملا 2010 جا آھن. بي بي جي شھادت بھ ان جو حصو آھي.فيض حميد کي سزا ملي تھ تاريخ لکندي تھ عاصم منير ۽ فيض حميد۾ آرمي چيف ٿيڻ جي لڙائي جو معاملو ھيو.فيض حميد خلاف ڪرپشن جي جاچ جنرل عاصم منير ڪئي ۽ رپورٽ جنرل باجوا کي پيش ڪئي پوءِ آرمي چيف ڪيئن آجو ٿيو؟ ظھير جنرل پاشا موجود آهن، عمران جي جيل ۾ ھوندي بھ ان جي مقبوليت ان جي ڪري گھٽ نھ پئي جو سورنھن سالن کان اھو پروپيگنڊا ٿيندو رھيوآھي تھ سياستدان سڀ چور آھن. صحافي نورالله چيو تھ نوازشريف باجوه ۽ فيض حميد خلاف موقف رکيو بعد ۾ مصلحتن تحت ان تان ھٿ کڻي ويو جنھن جو اڳتي ھلي نقصان ٿيو اگر ھو ان نعري تي قائم ھجي ھا تھ صورتحال وڌيڪ بھتر ھجي ھا. جيڪڏھن راحيل شريف کان باجواتائين سڀني جو پڇاڻو نھ ٿيو سزائون نھ آيون تھ سسٽم ائين ئي ھلندو رھندو. فيض حميد خلاف ريٽائرمينٽ بعد واري ڪمن تحت احتساب ٿي رھيوآھي پر ان ۾ اھي سڀ ڳالھيون به شامل ٿي وينديون جيڪي سروس دوران ھو ڪندو رھيوآھي جھڙوڪ ٽاپ سٽي وارو معاملو يا ماڻھن کي ڌمڪائڻ ۽ ڪرپشن ڪيس اھو سوال اٿندو تھ جنرل باجوا جي مرضي کان سواءِ ڪيئن پئي اھو سڀ ڪجھ ٿيوصحافي رضوان رضي چيو تھ فيض آباد ڌرڻي جي ڪري ڪا ڪارروائي نھ پئي ٿئي سو جنرلن جو احتساب ٿيندي نظر نھ پيو اچي ۽ ادارو ڪا اھڙي روايت قائم ڪرڻ بھ نھ ٿو گھري.