ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر). سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان، اديبن شاعرن کي پنهنجو جهڳو ٺاهڻ لاءِ پلاٽ ڏيڻ تي غور ڪرڻ جو فيصلو، پنجابي، سنڌي ۽ اردو ليکڪن طرفان ٽن ٻولين سنڌي ليکڪ محمد خان ابڙو جي لکيل ڪٿا کي خوبصورت قرار ڏيندي ان جو پنجابي زبان ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ” زندگيءَ جو سفر” آتم ڪٿا کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب ۾ شاندار واڌارو قرار ڏيندي سمورن ليکڪن، اديبن، شاعرن کي مڪمل سچ سميت پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جي صلاح ۽ سنڌ جي نئين نسل کي سنڌ سميت سڄي دنيا جي دانشورن، ليکڪن ۽ ٻين جون لکيل آتم ڪٿائون پڙهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه ڪالهه شام جو پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي حسينه معين هال ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان ليکڪ، سنڌي ۽ اردو جي ڪالم نويس محمد خان ابڙي جي جي آتم ڪٿا "journey of life“ زندگيءَ جو سفر” جي انگريزي ترجمي جي مهورت ۾ تقريرون ڳالهائيندي ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير ذوالفقار علي شاهه چيو ته سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان دانشورن، اديبن جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي ۽ انهن کي سنڌ حڪومت طرفان پنهنجا گهر ٺاهڻ لاءِ پلاٽ پڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين . هن چيو ته محمد خان ابڙو پنهنجي زندگيءَ جي آتم ڪٿا لکي بهترين عمل ڪيو آهي، هن جي ليکڪ سان گڏ هڪ ٻي وڏي سڃاڻپ ٻوڏن ۽ برساتن ۾ ڏينهن رات سيوهڻ ۽ آس پاس غريبن ۽ متاثرن جي مدد ڪرڻ وارو ڪارنامو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ اديب مدد علي سنڌي چيو ته محمد خان ابڙو جي لکيل آتم ڪٿا تمام گهڻي خوبصورت انداز ۾ لکيل آهي، سندس آتم ڪٿا سنڌي ادب ۾ شاندار واڌارو ڪيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي غربت، محنتن، زندگي جي جدوجهد جي ڏکيائن ۽ ڪاميابين جو ذڪر ڪيو آهي، هر اديب، ليکڪ، سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن کي پنهنجي ماضي قريب جي آتم ڪٿا ضرور لکڻ گهرجي، جيئن سياسي جدوجهدن جي گمنام سپاهين جو ذڪر تاريخ جو حصو بڻجي وڃي، ڪتاب جي ليکڪ محمد خان ابڙو چيو ته هو اڄ به روحاني طور قوم پرست آهي ۽ اسان جو اهو خواب هوندو هو ته شهر جي دهشت گردي ۾ سنڌي ڪراچي ڇڏي نه وڃن ۽ اسان بنا ڪنهن نفعي جي شانتي نگر ٺاهيو هو ۽ پنهنجن ماڻهن کي مفت ۾ پلاٽ ڏنا. هن چيو ته هن جي زندگيءَ مان جيڪڏهن ڪا ڪرپشن ۽ ڪنهن سان زيادتي جي ڳالهه سامهون آندي ويندي ته هو اڄ به ان جي ذميواري قبول ڪرڻ تيار آهي ۽ هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ صرف سچ کي ظاهر ڪيو آهي ۽ سندس آتم ڪٿا جو ٻيو حصو ان کان وڌيڪ سچين ڳالهين تي مشتمل هوندو، پنجاب کان آيل صحافي ۽ ليکڪا صغريٰ صدف چيو ته هن کي محمد خان ابڙو جي آتم ڪٿا ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو هو ان جو پنجابي ترجمو ڪري خود ان کي ڇپائيندي، ڇو ته ڪو هي عام معمولي ڪتاب نه آهي، هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پنهنجي ٻالڪپڻي ۾ پاڻي ڀرڻ، ڇيڻا ميڙڻ ۽ اسڪول وڃڻ تائين جيڪو به لکيو آهي، آهي مختلف ڪهاڻيون آهن. نامور شاعر ادل سومرو چيو ته محمد خان جو مڪمل تعارف سندس لکيل آتم ڪٿا آهي، سڄي دنيا ۾ ناول ۽ آتم ڪٿا گهڻي پڙهي وڃي ٿي، اها آتم ڪٿا نئين نسل لاءِ رهنمائي آهي، کين آتم ڪٿائون پڙهڻ گهرجن، شاعر ۽ صحافي نياز پنهور چيو ته هن آتم ڪٿا مان ثابت ٿيو ته محمد خان ابڙو پنهنجي لکڻين ۽ عمل ۾ فرق نه رکيو آهي، هن پنهنجي ماڻهن جي ڏکن ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، هن آتم ڪٿا جي انگريزي ترجمي کي پڙهڻ بعد سڄي دنيا کي خبر پئجي ويندي ته سيوهڻ ۾ به ڪا شخصيت موجود آهي، تاج جويو چيو ته محمد خان جي آتم ڪٿا اهو ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ ۽ پنهنجن ماڻهن جي مسئلن تي سجاڳ آهي، هن ئي ٽٽل سنڌي ادبي سنگت کي پاڻ ۾ جوڙي وڏو ڪارنامو ڪيو. هن چيو ته سنڌو مان ڪينال ڪڍن ٿا، سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. تقريب کي خطاب ڪندي مسعود لوهار چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو واقعو پيش آيو، ڏٺم ته سڀني جون وضاحتون لڳيون پيون هيون، مون ان وقت فيس بوڪ تي ڊاڪٽر جي جنازي نماز جو اعلان ڪيو، مون کي لڳو ته سول سوسائٽي مري چڪي آهي پر جڏهن سوسائٽي اٿي ته انتهاپسند قوتن کي پوئتي هٽڻو پيو. ان تقريب ۾ امتياز عالم، راشد لکمير، احمد سولنگي، صوبائي وزير ناصر شاهه، نصير مرزا، مشتاق ڦل، ، حبيب جنيدي، نور چاڪراڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته محمد خان ابڙو جي پيدائش ٻوڏ جي پاڻي مٿان ٿي هئي، هن غربت ۾ اک کولي، پنهنجي مسلسل جدوجهد وسيلي هڪ ليکڪ ۽ ٻين جي خدمت ڪندڙ جو مقام حاصل ڪيو آهي، هن جي لکيل آتم ڪٿا جو وڏو اعزاز اهو آهي ته اهو فوري طور تي سنڌي کان بعد انگريزي ۽ اردو ۾ شايع ٿيو آهي، محمد خان ليکڪ، خدمتگار سان گڏ هڪ سياسي ڪارڪن به رهيو آهي، سندس ڪتاب هن جي شعور جو سرچشمو آهي، سندس آتم ڪٿا هن جي اندر جي اڌمن جو عڪس آهي، ان مهورتي تقريب ۾ ليکڪا زبيده ميتلو، سلطانه قاضي، ڊاڪٽر عاليه امام، ادريس چانڊيو، بيدار جعفري، مسرور پيرزادو، يونس مهر، جاويد مهر ،قاضي اعجاز ،سجاد ميراڻي، فدا ڍڪڻ، ڊاڪٽر ايوب شيخ، احمد شاهه، گلشن سنڌو، ساجدہ، ڊاڪٽر مسرت خواجہ، وحيد راڄپر ،۽ ٻين شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ آيل مهمانن محمد خان ابڙو جي ڪتاب جي انگريزي ترجمي جي مهورت ڪئي وئي، تقريب جي شروعات ۽ پڇاڙيءَ مشهور راڳي حنيف لاشاري جي شاه لطيف جي واين سان ٿي.