اسلام آباد(بيورو+م ڊ)قومي اسيمبليءَ ۾ شهرين لاءِ ڊجيٽل سڃاڻپ قائم ڪرڻ لاءِ’ڊجيٽل آئي ڊي‘ جي نالي سان بل پيش ڪيو ويو، بل جو مقصد سماجي، اقتصادي ۽ گورننس ڊيٽا کي مرڪزي ڪرڻ آهي. بل آئي ٽي وي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزا فاطمه خواجا ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل 2024 طرفان پيش ڪيو،بل جي مسودي موجب ان جو مقصد هڪ متحرڪ ڊجيٽل معاشري،هڪ مضبوط ڊجيٽل معيشت ۽ موثر ڊجيٽل گورننس کي هٿي ڏئي پاڪستان کي هڪ بااختيار ملڪ ۾ تبديل ڪرڻ آهي،ان بل ذريعي نيشنل ڊجيٽل ڪميشن ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي قائم ڪرڻ آهي ته جيئن ملڪ جي ڊجيٽل تبديلي لاءِ سمورين سطحن جي حڪومتن جي نگراني ڪندي ڊجيٽل قدمن کي مربوط ۽ هم آهنگ ڪندي انهن پاليسين کي لاڳو ڪرڻ آهي، بل جو هڪ سنگ بنياد نيشنل ڊجيٽل ماسٽر پلان آهي، جيڪو ڊجيٽل قدمن کي درست رخ ۾ آڻڻ ۽ بهتر بڻائڻ وفاقي،صوبائي ۽ مقامي سطحن تي بهتر سروس ڊليوري ذريعي معاشي ترقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي فراهم ڪرڻ آهي، قانون سازي پاڪستان کي هڪ ڊجيٽل قوم ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي جيڪا ڊجيٽل سوسائٽي، ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل گورننس کي فعال ڪندي.وفاقي ڪابينا معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ ۽ اي گورننس جي فروغ لاءِ جون ۾ بل جي منظوري ڏني هئي.