اسلام آباد (م ڊ) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزا فاطمه اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار ايتري ناهي جيتري ٿيڻ گهرجي، فائيو جي ۽ فور جي اسپيڪٽرم کي بهتر بڻايو ويندو جنهن کانپوءِ انٽرنيٽ سروس به بهتر ٿي ويندي، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سٺي ناهي، جنهن ڪري فري لانسرز ۽ آءِ ٽي جي صنعت متاثر ٿي رهي آهي، سيٽلائيٽ انٽرنيٽ فراهم ڪندڙن سان ڳالهيون ايڊوانس اسٽيج ۾ آهي، جيستائين سمارٽ ڊيوائسز گهربل نه هوندا، انٽرنيٽ بي معنيٰ آهي، ٻي پاسي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي چيئرمين حفيظ الرحمان چيو آهي ته ڪوبه وي پي اين بلاڪ نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي بلاڪ ڪيو ويندو، پي ٽي اي جي سالياني رپورٽ 2024ع جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اڳ چيو هو ته وي پي اين کي بلاڪ ڪري سگهون ٿا پر ائين نه ڪنداسين ۽ اڄ تائين ڪنهن به وي پي اين کي بلاڪ ناهي ڪيو ويو، قومي سلامتي بابت سوال پاليسي ٺاهيندڙن کان پڇيا وڃن.