حيدرآباد / لاھور (پ-ر) پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي ۽ ليبر ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان سنڌو درياھ تي ڇهه نون ڪئنالن ۽ ٻين ماحول دشمن منصوبن خلاف لاهور ۾ شمله پهاڙيءَ کان ايوان اقبال تائين ماحولياتي انصاف مارچ ڪيو ويو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ فاروق طارق، ليبر ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر خالد محمود، عوامي ورڪرس پارٽي گلگت بلتستان جي اڳواڻ بابا جان، روبينه جميل، رفعت مقصود، تيمور رحمان، علي کوسو، طارق محمود، مزمل ڪاڪڙ، شاهه رڪن عالم، حسنين جميل فريدي، طالب حسين ۽ ٻين اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪيو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪرن ٻپڙ، پارس ٻپڙ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ صدام ٻپڙ جي اڳواڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي وفد ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڪائنات ڏاهري چيو ته سنڌو درياھ جو پاڻي روڪي علائقي کي ماحولياتي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃيپاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق چيو ته پاڪستان جا ماڻهو موسمياتي بحران جي بدترين اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن ۽ ھارين کي فوري معاوضو ڏنو وڃي، موسمياتي بحران پيدا ڪندڙن جو احتساب ڪيو وڃي. هن سنڌ جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ تي وڌيڪ 6 ڪئنال کوٽڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي