وياج شرح ۾ لاٿ، ٽن چئن مهينن بعد مهانگائي وڌندي\گورنر اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽر/ع آنيوز) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ ٻه سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي. اسٽيٽ بينڪ موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 13 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي اميدن موجب نومبر ۾ 4.9 سيڪڙو ٿي وئي، معيشت جا تازا انگ اکر اوسر جا امڪان بهتر ٿيڻ جو اشارو ڏئي رهيا آهن. اسٽيٽ بينڪ موجب پاليسي ريٽ ۾ احتياط سان گهٽتائي مهانگائي ۽ ٻاهرين کاتي تي دٻاءَ کي قابو ۾ رکيو، پاليسي ريٽ ۾ احتياط سان گهٽتائي پائيدار بنياد تي معاشي اوسر کي هٿي ڏئي رهي آهي. اسٽيٽ بينڪ چيو ته جاري کاتو آڪٽوبر ۾ مسلسل ٽيون ڀيرو وڌيل رهيو، جنهن سان ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 12 ارب ڊالر ٿي ويا آهن.  ڪرنٽ کاتو آڪٽوبر 2024 ۾ مسلسل ٽئين مهيني سرپلس ۾ هو، جنهن ڪمزور آمد ۽ ڳري سرڪاري قرضن جي واپسي جي وچ ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي 12 بلين ڊالرن تائين وڌائڻ ۾ مدد ڪئي. اسٽيٽ بينڪ موجب جنسن جي عالمي اگهن ۾ گهٽتائي سان درآمدي بل ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي. گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ هو ته شرح سود ۾ گهٽتائي سان قرضن تي سود جي ادائيگي ۾ اڍائي هزار ارب رپيا بچيا ويندا. اسان وياج جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽائي 13 سيڪڙو ڪئي آهي.هن چيو ته خوراڪ جي مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جيستائين بنيادي مهانگائي گهٽ نه ٿيندي، خدشا برقرار رهندا.  واضح رهي ته اسٽيٽ بينڪ طرفان مسلسل پنجون ڀيرو وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي سبب پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، اميد آهي ته ايندڙ مهينن ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هوڏانهن خانگي چينل سان ڳالهائيندي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ هو ته وياج شرح ۾ گهٽتائي سان قرضن تي سود جي ادائيگي ۾ اڍائي هزار ارب رپيا بچايا ويندا.  اسان وياج  جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽائي 13 سيڪڙو ڪئي آهي. هن چيو ته خوراڪ جي مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جيستائين بنيادي مهانگائي گهٽ نه ٿيندي، خدشا برقرار رهندا. گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ هو ته شرح سود ۾ گهٽتائي سان قرضن تي سود جي ادائيگي ۾ اڍائي هزار ارب رپيا بچيا ويندا. اسان وياج جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽائي 13 سيڪڙو ڪئي آهي. هن چيو ته خوراڪ جي مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جيستائين بنيادي مهانگائي گهٽ نه ٿيندي، خدشا برقرار رهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.