اسلام آباد (اعزاز سيد) پاڪستان ۽ چين جي مثالي لاڳاپن ۾ تبديلي جا امڪان پيدا ٿي رهيا آهن، جن جو بنياد ٽن اهم عنصرن تي آهي. چين جي حڪومت جي دعوت تي پاڪستاني وفد بيجنگ ۽ شنگھائي جي دورو ڪيو ۽ پوءِ عنصرن کي اجاڳر ڪيو. پهريون عنصر سي پيڪ منصوبن جي سست رفتار اڳڀرائي آهي، جنهن تي چين کي ڳڻتي آهي. ٻيو عنصر گوادر پورٽ جي مڪمل فعال ٿيڻ ۾ دير آهي، جيڪا چين لاءِ مايوسي جو سبب بڻجي رهي آهي. ٽيون ۽ سڀ کان اهم مسئلو پاڪستان ۾ چيني شهرين تي ٿيندڙ حملا آهن، جيڪي چيني حڪومت لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن. چيني اختيارين پاڪستان ۾ ٿيندڙ واقعن تي شفاف جاچ ۽ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. انهن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ چيني شهرين تي حملا چين ۾ خاص طور تي دردناڪ اثر ڇڏين ٿا. چيني ماهرن پاڪستاني وفد سان ڳالهين دوران واضع ڪيو ته انهن کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت سخت ڳڻتي آهي. جڏهن پاڪستاني وفد ٻڌايو ته انهن حملن جي منصوبابندي را (ڀارتي ايجنسِي) طرفان ٿي رهي آهي، ته چيني اختيارين تصديق جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان لاءِ جوڳا ثبوت گهريا. گوادر پورٽ جي آپريشنل صلاحيت وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي جي اهميت تي زور ڏنو ويو. چيني ماهرن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي کي بهتر ڪرڻ سان چين جي معاشي اڳڀرائي جا دروازا کلي سگهن ٿا، پر موجوده حالتن ۾ پاڪستان جي طرفان منصوبن جي عملداري ۾ دير چين جي مايوسي جو سبب بڻجي رهي آهي. ان باوجود، چين پاڪستان لاءِ پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن ۾ ويڇن جا ڪڪر ڇانيل هوندي به، ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري لچڪدار رهندي.