اي پي ايس ۽ ڍاڪا سانحي مان سبق نه سکيو ويو،هڪ ٻيو بنگلاديش ٺهندي نظر پيو اچي:ايم اين ايز

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شازيه مري پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي حوالي سان ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اي پي ايس جي ٻارن بي مثال جرئت ۽  بهادري جو مظاهرو ڪيو ،ايوان شهيدن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، دهشتگردن پاڪستان جي روح تي حملو ڪيو آهي، 16 ڊسمبر کي قومي ڏهاڙي جي حوالي سان ملهائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ، تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن،ايوان قرارداد منظور ڪري ورتي، جڏهن ته پ پ ايم اين اي عبدالقادر گيلاني چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني هوندي قومي اسيمبلي جي هر اجلاس ۾ شريڪ ٿي سوالن جا جواب ڏيندو هو، اڄ شهبازشريف نظر نه پيو اچي،هو اسان جي سوالن جا جواب ڇو نه پيو ڏئي، نائب وزيراعظم جي آئين ۾ ڪا به گنجائش ناهي،نه هتي وزيراعظم نه نائب وزيراعظم نه ئي انهن جي ڪابينا موجود آهي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته سرائيڪي وسيب جي پسماندگي جي ڳالهه ڪريان ٿو، جيڪڏهن ڊپٽي وزيراعظم جي پوسٽ تخليق ڪئي وڃي ته پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ڊپٽي سي ايم جو عهدو به قائم ڪيو وڃي،توهان ڏکڻ پنجاب مان نائب وزيراعليٰ بڻايو،سرائيڪي علائقن ۾ مسئلا آهن، نائب وزيراعليٰ جو عهدو نٿا ٺاهيو ته ڊپٽي وزيراعظم جو عهدو به ختم ڪريو،اسان ڏکڻ پنجاب صوبي جي مطالبي تي قائم آهيون،پنجاب ۾ مڪاني چونڊون کپن،اسان کي اختيار هيٺين سطح تي منتقل کپن،هن چيو ته اميد آهي ته تحريڪ انصاف ڊائلاگ ڏانهن ايندي،ڪنهن به پارٽي جو ڪارڪن شهيد ٿئي اسان کي ڏک ٿيندو آهي،تحريڪ انصاف جي ايم اين اي سردار لطيف کوسي چيو ته حڪومت 9 مئي جو ماتم هاڻي بند ڪري، اي پي ايس سانحي کان وڏو سانحو 1971 جو سانحو آهي،ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو، ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ بنگالين جو مينڊيٽ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، حمود الرحمان ڪميشن جاري ڇو نٿا ڪريون، اڌ ملڪ ٽٽڻ جو ڪنهن کي به ذميوار قرار نه ڏنو ويو،قائداعظم محمد علي جناح جي پراسرار فوت ٿيڻ واري واقعي کان وٺي واقعن تي ڪميشن قائم ڪئي وڃي،هن چيو ته 45 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ڀٽي ڪيس ۾ چيو ته اسان کان غلطي ٿي وئي،اڄ وري اسڪرپٽڊ غلطي ڪري رهيا آهيون،8 فيبروري تي قوم عمران خان کي 180 سيٽون ڏنيون اهو جيل ۾ بند آهي،17 سيٽن وارو وزيراعظم بڻيو ويٺو آهي،ان طريقي سان اسان رياست کي اڳتي وٺي وڃي سگهون ٿا؟ 26هين ترميم شرمناڪ طريقي سان منظور ڪرائي وئي،قاضي فائز عيسيٰ لوٽا ڪريسي لاءِ سهولت ڪاري جو ڪردار ادا ڪيو،هن چيو ته 9 مئي ۽ 9فيبروري تي فارم 47 جاري ڪرڻ تي ٽرٿ ڪميشن يا جڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي،سحر ڪامران چيو ته اي پي ايس سانحو وڏو سانحو هو،نيشنل ايڪشن پلان تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي،پاليسين جو تسلسل جاري ڇو نٿو رهي،دهشت گرد ٻيهر آباد ڇو ڪيا ويا؟ن ليگ جي تهمينه دولتانه چيو ته 16 ڊسمبر 1971ع اسان لاءِ تمام ڳرو ڏينهن هو،مان بينظير ڀٽو جي شهادت تي رنس،پاڪستان اوڀر پاڪستان ۾ قائم ڪيو ويو هو، اسان بنگلاديش وڃايو هاڻي وري ٻيو بنگلاديش اسان جي آڏو اچي رهيو آهي،اسان کي  ملڪ گڏڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن،اسان کي وڙهڻو ناهي، اچو گڏجي ويهي ڳالهيون ڪريون،فوج پنهنجو ڪم ڪري،پر ان کي اسان نه ڇيڙيون،پشتونخوا عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي چيو ته مان پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ٻنهي کان ناراض آهيان،اڄ پي ٽي آءِ سان همدردي جي قرارداد اچڻ گهرجي، مان قسم کائي چوان ٿو ته هي ناجائز اسيمبلي آهي، ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته اسان کي مجبور نه ڪريو،اسان وٽ ايتري طاقت آهي ته اسيمبلي ۾ ڪنهن کي ڳالهائڻ نه ڏينداسين،عمران خان ڪو ڏوهه ناهي ڪيو،عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي،نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان عمران خان جي آزادي بعد هن حڪومت مان جان ڇڏائن،اسان مجبور ٿياسين ته عوامي طاقت سان هي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائينداسين، ، جيترو جلد ٿئي هي اسيمبلي ختم ٿئي، ڪرم ايجنسي ۾ 150 ماڻهو قتل ٿيا،ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي،ڪرم ايجنسي هڪ وفد وڃي ۽ اتان جي ماڻهن سان ايڪتا جو مظاهرو ڪري، محمود اچڪزئي جي تقرير دوران ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي ،پ پ جي عبدالقادر پٽيل چيو ته اي پي ايس سانحي جو اهم ترين جوابدار احسان الله احسان چوڪيدار کي چاٻيون واپس ڪري هليو ويو،اسان ان سانحي کي وساري ڇڏيو،اسان ڍاڪا سانحي ۽ اي پي ايس سانحي تي ڳالهايون ٿا گڏوگڏ جوابدارن جو به تعين ٿيڻ گهرجي،دهشتگرد آزاد ڪندڙ ۽ ٻيهر آباد ڪندڙن جو به تعين گهرجي،جي يو آءِ جي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته خبر ناهي رياستي ادارا ڪهڙي مرض جي دوا آهن،اي پي ايس جهڙا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ گهرجن،سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا چيو ته پاڪستان جي تاريخ سانحن سان ڀري پئي آهي،ڪنهن قاتل کي اڄ تائين سزا ٿي آهي؟ هي ايوان ۽ سيڪيورٽي ادارا برابر جا ذميوار قرار ڏيڻ گهرجن، عمران خان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي، پوءِ چيو ويو ته مائنس عمران خان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن،توهان مائنس نوازشريف ۽ شهبازشريف ڳالهيون ڪريو، اسان عمران خان کان بغير ڳالهيون نه ڪنداسين، پي ٽي آءِ جي زرتاج گل چيو ته بجلي بند ڪري هٿين خالي ماڻهن تي گوليون هلايون ويون،عمران خان کي ڪنهن سان ملاقات ڪرڻ نٿي ڏني وڃي،اسان ڳالهيون ضرور ڪنداسين پر شهيدن جي قربانين کان پٺتي نه هٽنداسين،وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو ته ڪرم ۾ جڏهن لاش پيل هئا تڏهن هي اسلام آباد تي لشڪر ڪشي ڪري رهيا هئا، ڊي چوڪ جي حوالي سان اهي ڪوڙ پيا ڳالهائن،پي ٽي آءِلاشن جو صحيح انگ ٻڌائي،پي ٽي آءِ جي عمر ايوب چيو ته پاڪستان ۾ سست رفتار انٽرنيٽ جو بنيادي سبب اهو آهي ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي هاڪ آهي ته ان کي ختم ڪيو پيو وڃي ته ماڻهن تائين هن جي پهچ نه ٿئي، وي پي اين نه پئي هلي، ماڻهن جون نوڪريون ختم ٿي رهيون آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.