عمران خان، شڪيل آفريدي جهڙو قيدي آهي، آمريڪا مداخلت نه ڪندو: عرفان صديقي

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان به شڪيل آفريدي وانگر پاڪستان جو قيدي آهي، جنهن اسامه جي ڳولا ۾ مدد ڪئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان کي خبر ناهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون ترجيحون ڪهڙيون هونديون. هن چيو ته هڪ قيدي شڪيل آفريدي هتي موجود آهي جنهن اسامه بن لادن جي ڳولا ۾ آمريڪا جي مدد ڪئي. آمريڪا ڪيترائي ڀيرا کيس هٿ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر هو اسان جي حراست ۾ آهي، پي ٽي آءِ جو باني به پاڪستان جو قيدي آهي. هن چيو ته هو نٿو سمجهي ته آمريڪا سميت ڪا به پرڏيهي طاقت پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.