آءِ ايس پي آر سربراهه آڏو شاگردن جا سياست ۾ مداخلت،جبري گمشدگين بابت سخت سوال

اسلام آباد(عمر چيما+مهتاب حيدر+وقار گيلاني) آءِ ايس پي آر جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف مختلف يونيورسٽين جا دورا ڪندو رهندو آهي،تازو هن فوجي يونيورسٽي نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگيجز(نمل) جو دورو ڪيو،هن اتي هاڪاري روين ۽ حب الوطني بابت خطاب ڪيو،شاگردن هن کان سخت سوال ڪيو،بلوچستان جي هڪ شاگرد چيو ته سر اسان سوال ته ڪريون پر ڪو ضمانت ڏيندو ته ان کانپوءِ اسان کي نه کنڀيو ويندو؟ فوجي ترجمان چيو ته اسان اڳ ۾ ڪنهن کي جبري طور لاپتا ڪيو آهي؟ بلوچستان جي شاگردن ماهه رنگ بلوچ ۽ منظور پشتين جي حوالي سان سوال ڪيا،ايران بارڊر تي اسمگلنگ بند ڪرڻ تي به سوال ڪيو ويو،1971ع سانحي ۽ جنرل ضيا،جنرل مشرف،دفاعي بجيٽ ،فوج جي سياست ۾ مداخلت جي حوالي سان به سوال ڪيا ويا، شاگردن چيو ته توهان کي هن اسٽيج تي ماهه رنگ بلوچ ۽ منظور پشتين کي گهرائي انهن جي سوالن جا جواب به ڏيڻ گهرجن،جنهن تي آءِ ايس پي آر سربراهه جواب ڏنو ته هن سيٽ تي ويهڻ لاءِ پاڪستاني هئڻ ضروري آهي،سڄاڻ ڌرين چيو ته سندس اهو بيان تڪراري آهي،ڇا رڳو يونيفارم پائيندڙ ئي پاڪستاني هوندو آهي؟ذريعن موجب 80 شاگرد اسڪريننگ کانپوءِ ان سيشن ۾ گهرايا ويا ان جي باوجود فوجي ترجمان کي سخت سوالن کي جواب ڏيڻو پيو،شاگردن کي تاريخ ۽ ڪارگل واقعي بابت سوال ڪرڻ تي چيو ويو ته توهان اڃا ٻار آهيو،اهڙا سوال نه ڪرڻ گهرجن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.