شهريار شر مٿان ٿيل حملي وارو مامرو، جوابدار جيل حوالي

ميرپورماٿيلو (ن ع آ ) اڳوڻي ايم پي اي سردار شھريار خان شر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي ۽ قتل ٿي ويل ساٿي علي محمد شر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي انت واري عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري جڏهن ته پوليس پاران گرفتار  ڄاڻايل 4 جوابدارن جي رمانڊ جي درخواست ڏني پر عدالت پاران جوابدارن کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنھن بعد جوابدارن کي جيل اماڻيو ويو. هوڏانهن ٻيهر ٻڌڻي 23 ڊسمبر تي مقرر ڪئي وئي آهي.

  1. جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺاهڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي، مهلت طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾  جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺاهڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي،

درخواستگذار ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن  عدالت ۾ پيش ٿيو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان مهلت گهري ورتي، عدالت سنڌ سرڪار جي وڪيل کي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ايندڙ سيشن تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ۾ درخواستگذار ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو ته ڪراچي ۾ ٻين ضلعن جي ماڻهڻ کي ڪوڙا ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺاهي ڏنيون ٿيون وڃن جنهن جي بنياد تي هو ڪراچي ۾ نوڪريون وٺي رهيا آهن، اهڙي عمل سان ڪراچي جي نوجوانن جي ميرٽ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، ڪيس  ٻڌڻي کان پوءِ خواجا اظهار الحسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 سال اڳ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي خلاف آواز اٿاريو هو،   سنڌ حڪومت مجرمانه غفلت جو مظاهرو ڪيو،

  1. ڪراچي ۾ عورت آڏو غيراخلاقي حرڪتون ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي يوسف ڳوٺ ۾ عورت آڏو غيراخلاقي حرڪتون ڪري کيس هراسان ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس وڊيو جي مدد سان جوابدار کي گرفتار ڪيو. پوليس موجب متاثر عورت يا سندس ڪٽنب جي ماڻهن  رپورٽ داخل نه ڪرائي هئي پر واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

  1. سول نافرماني سميت پي ٽي آءِ جي هر تحريڪ ناڪام ٿيندي: سعيد غني

سانگهڙ (ڊ ر ) سانگهڙ سنڌ جو صوبائي وزير بلديات سعيد غني نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ پهتو. ان دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ ھو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي تي پوري قوم ڏک ۾ ورتل آهي، پيپلز پارٽي متعلق هن جو چوڻ ھو ته پيپلز پارٽي لاءِ جيڪو موقف اڳ هو هاڻي به ساڳيو آھي اها پارٽي خود  دهشتگردي جو شڪار رهي آھي. ان جي قائد بينظير ڀٽو کي به دهشتگردن ئي شهيد ڪيو هو. هن چيو ته مان پي ٽي آءِ جي باني کي سياسي اڳواڻ نٿو سمجهان. عمران خان غير سياسي شخصيت آھي هو ڪنهن جي ڳالھه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، پي ٽي آءِ وارا اهڙا ڪم ڪري ڏيکارين جنهن سان ملڪ کي فائدو ٿئي. سول نافرماني جو اعلان ڪرڻ وارا خود پنهنجي گهرن کان بجلي، گيس ۽ ٻين يوٽيلٽي بلن جي ادائگي جي شروعات ڪن، جيڪو اهي نه ٿا ڪري سگهن، سعيد غني وڌيڪ چيو ته سول نافرماني سميت هر اها تحريڪ جيڪا هن ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي وڃي اها بری طرح ناڪام ٿيندي جيئن اڳ ۾ به ناڪام ٿي آھي ڇو ته هر محب وطن هن کي رد ڪري ٿو. پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز، سينيٽرز ۽ وڏو وزير اعليٰ ڪي پي ڪي حڪومتي بلن جو بائيڪاٽ ڪري ڏيکارين پوءِ خبر پئي ته سول نافرماني جي تحريڪ هلي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.