سنڌ جي راڄڌاني ۾ سنڌي نوجوانن جو ڌارين ھٿان قتل عام مسلسل ھڪ وبا جي صورت اختيار ڪري ويو آھي ۽ اھيو سڀ ڪجهھ پيپلز پارٽي جي غلط حڪمراني جو نتيجو آھي جنھن ڪراچي ۾ پنھنجي ووٽ بينڪ جي لالچ لاءِ ۽ امن و امان جي صورتحال کي خراب ڪري نتيجي طور اھا دعويٰ ڪري ته اسان امن جي بحالي لا۽ جاکوڙ ڪري رھيا آھيون ۽ گڏوگڏ ڌاري آبادڪاري کي سنڌ ۾ خاص ڪري سنڌ جي وڏن شھرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ھڪ رٿابندي تحت آباد ڪري پنھنجي مفادن جھڙوڪر زمينن تي قبضا، اسمگلنگ ۽ پنھنجي ناجائز ڪمن جي لاءِ اھو سڀ ڪجهھ ڪري ويٺي جيڪو سلسلو سندن پراڻو آھي ان جي ئي نتيجي طور ڪراچي جي 233 يونين ڪائونسلز جا چيئرمين تقريبن غير سنڌي آھن اتي سوال پيدا ٿئي ٿو ڇا ملڪ جي ٽن ٻين صوبن جي اندر سنڌي اسيمبلي ميمبر ۽ يونين ڪائونسلز تعلقن ۽ ضلعي چيئرمين ڪيترا آھن؟
ته، جواب آھي بلڪل به نه!! ته پو۽ آخرڪار پاڪستان ۾ چئني صوبن ۾ آخر سنڌ ئي عالمي يتيم خانو ڇو؟
ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي اندر نشي آور شين جي گھڻائي به ھڪ منظم سازش آھي جڏھن ته سنڌ جو تعليمي نظام به عالم آشڪار آھي جو جتي صحت، تعليم ۽ روزگار جھڙيون آئيني ۽ قانوني شيون اڻلڀ آھن اتي منع ٿيل بندش پيل سماجي ڏوھ شمار ٿيندڙ شيون جھڙوڪر چرس، آفيم،ھيروئن،آئيس ۽ ھٿيار ڪيئن ۽ ڪٿان ٿا اچن سرحدن کان ڪير ٿو ٽپائي آخر اھي ڪھڙا ھٿ آھن جيڪي اسان جي مستقبل جي معمارن کي ھٿن ۾ گل ڏيڻ بدران نشي جي اونداھي غار ۾ ڦٽو ڪري کين ذھني ۽ جسماني طور مفلوج ڪري پنھنجي لٽ مار جي ڪرت سان لڳا پيا آھن ان سڄي رياستي مشنري پويان پيپلز پارٽي سھولتڪاري جو ڪم انجام پئي ڏئي جو اوھان کي سنڌ جي ڪنھن به شھر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، بجلي،گئس ۽ صحت جي ڪا به سھولت نه ملندي پر اوھان کي اتي ھر قانوني ڏوھ شمار ٿيندڙ نشو آساني سان ملي سگھندو.
ماضي ۾ ڪراچي ۾ لياقت علي خان ڀارت مان لکين مھاجرن جا ڪٽڪ آڻي ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھن سان بي واجبيون ۽ سنڌي ٻوليء سان پڻ ھٿ چراند ڪئي ان کانپو۽ ايوب خان ڪراچي جي مقامي سنڌي ماڻھن جي زمينن تي قبضا ڪري ڪراچي ڊويلپمينٽ اٿارٽي(K.D.A) جو بنياد وجھي اڪٽريت سان ڌاري آبادڪاري کي اتي آباد ڪيو اڄ ان ئي لياقت جي پاليسي کي ھٿي ڏيندي ۽ ايوبي آمريت جي عمل تي عمل ڪندي ڌاري آبادڪاري کي آباد ڪري آمريت جو جيڪو ٻج پيپلز پارٽي رياستي آشيرواد سان ڇٽي رھي آھي ان جا نتيجا ڪي سٺا ثابت نه ٿيندا ڇو ته اھو استحصالي رويو اعتدال کي برقرار نه رکي منطقي طور تي زوال پذير ٿيڻ پيو وڃي جنھن جو انجام ڀيانڪ صورت اختيار ڪندو وڃي.
اھي ئي ڌاريا ماڻھو جن کي پيپلز پارٽي شناختي ڪارڊ، ووٽ جو حق، شھري زمينن، ڪاروبار جا اختيار، ملڪيت رکڻ ۽ ڊوميسائيل ۽ سنڌ جون سرڪاري توڙي غير سرڪاري نوڪريون ڏئي سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙو ھڻي سنڌي قوم کي بي يارو مدگار ڪري گڏوگڏ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، معدني وسيلن جي لٽ مار ڪري سنڌ جي وسيلن کي دفاع جي نالي ۾ ۽ ٻين صوبن تي خرچ ڪري سنڌي قوم سان تمام وڏي ويساھ گھاتي ڪئي پئي وڃي .ڪڏھن بختاور مائي کي شھيد ڪندي سندس حق ڦٻائڻ جي ڪوشش ته ڪڏھن مائي جندو جي ٻچڙن کي بيدردي سان شھيد ڪري پنھنجو رعب ويھارڻ ته ڪڏھن ٽوڙي جي شھيدن جي رت سان راند ته وري ڪڏھن ارشاد رانجھاڻي جو ڪنھن بدمعاش ھٿان بيدردي سان قتل اھي واقعا ۽ ٻيا اھڙا ئي اڻ ڳڻيا واقعا پنھنجي تسلسل سان بلال ڪاڪا کان شھيد زاھد تائين اڄ به جاري آھن ۽ اھئي واقعا پنھنجي جوھر ۾ ڪي معمولي نه پر غير معمولي نوعيت جا واقعا آھن جيڪي اڳتي ھلي ھڪ ھاڪاري تبديلي جي شڪل اختيار ڪندا.
سنڌ جو شعور مطالبو ٿو ڪري ته ڌاري آبادڪاري جي روڪٿام ڪئي وڃي ڌارين جو شناختي ڪارڊ ملڪيت خريد ڪرڻ ووٽ ڏيڻ جو حق بلڪل ختم ڪيو وڃي ۽ شھيد زاھد جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن.