شام بابت اھم اجلاس بعد آمريڪا جو باغين سان سڌو رابطو

جيتوڻيڪ آمريڪا پھريون ڀيرو شامي باغين سان سڌي رابطي جي تصديق ڪئي آھي، پر دنيا جا تجزئي نگار سمجھن ٿا تھ باغين جي پٺڀرائي ۾ آمريڪا جو وڏو ھٿ آھي.آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چيو آهي ته آمريڪا اڳوڻي صدر بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ملڪ جو ڪنٽرول سنڀاليندڙ باغي گروپ حيات التحرير الشام سان پهريون سڌو رابطو ڪيو آهي.

ياد رهي ته آمريڪا طرفان ايڇ ٽي ايس کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي ۽ شام جي نئين حڪمران گروپ  جو نالو تاحال ان فھرست مان نھ ڪڍيو ويو آھي.انٿوني بلنڪن  ميڊيا کي بريفنگ دوران  ٻڌايو ته رابطي جو بنيادي مقصد گم ٿيل آمريڪي صحافي آسٽن ٽائس بابت معلوم وٺڻ ھو.پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن  عرب ملڪن، ترڪي ۽ يورپ جي نمائندن سان اردن ۾ ملاقات کانپوءِ رابطي جي تصديق ڪئي، جنهن ۾ شام جي مستقبل بابت هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن شام ۾ اقتدار جي پرامن منتقلي جي حمايت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

اجلاس کان پوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪندي چيو ويو ته شام ۾ هڪ جامع حڪومت جي حمايت ڪئي ويندي جيڪا اقليتن جي حقن جو احترام ڪندي ۽ دهشتگرد گروپن کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي.شام ۾ ڪجهه هفتن ۾ ٿيندڙ ڊرامائي تبديلين بعد ھاڻي اتي نئين حڪومت جي قيام جي اهميت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.جيڪا شام جي عوام جي نمائندگي ڪري سگهي. ھتي اھو ذڪر اھم آھي تھ  اردن ۾ ٿيل اجلاس ۾ حيات التحرير الشام جو ڪو به نمائندو موجود نه هو.اجلاس ۾ عراقي پرڏيهي وزير فواد حسين وچ اوڀر ۽ ٻين خطن ۾ شام جي مستقبل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو.هن چيو ته خطي جا ملڪ شام کي ليبيا جهڙي صورتحال ۾ مبتلا ڏسڻ نٿا چاهين.

ياد رهي ته عرب ريپبلڪ آف ليبيا جو ڪرنل معمر قذافي اهو عرب اڳواڻ هو جيڪو تمام گهڻي عرصي تائين اقتدار ۾ رهيو پر 2011ع ۾ تيونس کان شروع ٿيندڙ عرب  اسپرنگ ڪرنل معمر قذافي کي به ڌوڏي ڇڏيو.جنھن بعد  لبيا وڳوڙن جي ور چڙھي ويو ھو.اردن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان پنهنجي موقف ۾ چيو ته شام جي موجوده ادارن کي بچائڻ ۽ انهن ۾ سڌارا آڻڻ جو ڪم ٿيڻ گھرجي.ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته شام ۾ اقتدار جي منتقلي دوران دهشتگردي کي فائدو کڻڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو. اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو پوندو .

ٻئي طرف خطي جي ملڪن جي مذمت باوجود اسرائيل شام تي ھوائي حملا ڪري رھيو آھي. ھن وقت شام جي مڪمل فوجي صلاحيت ختم ٿي وئي آھي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل به شام ۾ سوين اسرائيلي هوائي حملن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. حيات التحرير الشام هن وقت شام جو سڀ کان طاقتور باغي گروپ آهي، جيڪو 2011 ۾ جبتھ النصره جي نالي سان قائم ٿيو ۽ القائده جو اتحادي رھيو آهي.

 

اولهھ کان علاوه گڏيل قومن ۽ ڪجهه مسلمان ملڪن به هن گروپ تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن ۽ ان کي ”دهشت گرد“ قرار ڏنو آهي.حيات التحرير الشام جي سربراهه ابو محمد الجولاني 2016ع ۾ القائده سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.ابو محمد جولاني  جيتوڻيڪ مختلف مذهبي گروهن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ  جو اعلان ڪيو آهي پر ھن جي  ماضي جي پرتشدد جهادي ڪردار جي ڪري  ماڻھون ان تي ڀروسو نٿا ڪن.اردن ۾ٿيندڙ اجلاس ۾ موجود 8 عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن چيو ته هو چاهين ٿا ته شام متحد رهي ۽ فرقيواريت جي بنياد تي نھ ورهائجي.ايران ۽ روس، جيڪي سالن تائين بشار الاسد جي حڪومت جا حامي هئا، پڻ غير حاضر هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.