ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
وڏي وزير چيو ته انتظاميا احتجاج قانوني دائري ۾ ڪرائڻ جي اجازت ڏئي، روڊ بند ڪرڻ سان عوام کي تڪليف ٿيندي آهي.
هن ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کان ڦرلٽ جي خطرن تي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
مراد علي شاهه چيو ته پوليس ۽ انتظاميا ناظم آباد ۾ ٽريفڪ رواني برقرار رکڻ لاءِ ضروري قدم کڻي، ٽريفڪ پوليس ۽ لاڳاپيل اختياريون فيلڊ ۾ موجود رهن.
You might also like