الو ارجن جي ”پشپا 2“ سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) الور ارجن جي فلم ”پشپا 2“ ڀارت جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجي وئي، 5 ڊسمبر تي رليز ٿيل فلم 12 ڏينهن ۾ 1414 ڪروڙ رپين جو عالمي باڪس آفيس تي ڪمائي جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.
پشپا 2 نه رڳو ڏکڻ ڀارت جي فلمن ۾ پر ڀارت جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلمن ۾ به نئين تاريخ لکي ڇڏي.
فلم جو هندي ورزن تيلگو ورزن کان وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، خاص طور تي ٻئي هفتي ۾، جنهن ۾ ٽڪيٽن جي قيمت گهٽ ٿيڻ سبب ان جي مقبوليت ۾ واڌ ٿي آهي.
سڪومار جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم 2024 جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.