ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ جو شدت سان انتظار ڪندڙ مداحن خلاف سٺي خبر سامهون اچي وئي.
پروڊيوسر ساجد ناڊياڊوالا اعلان ڪيو آهي ته فلم جو پهريون ٽيزر 27 ڊسمبر تي سلمان خان جي سالگرهه جي موقعي تي رليز ڪيو ويندو.
هدايتڪار اي آر مروگادوس جي نگراني ۾ ٺهندڙ ان ايڪشن فلم ۾ سلمان خان سان گڏ رشميڪا مندنا مک ڪردار ۾ نظر ايندي.
پروڊيوسر موجب اها فلم هڪ شاندار سينما تجربو پيش ڪندي، جنهن کي 2025 ۾ عيد جي موقعي تي رليز ڪيو ويندو.
You might also like