انگن اکرن ۽ اقتصادي ڊيٽا تي نظر وجهبي ته پاڪستان جي ُڪُل قومي پيداوا ر جو 60 سيڪڙو سنڌ مان اچي پيو، جنهن ۾ صنعتڪاري مان 6.37 کان 46.5 سيڪڙو، خدمتن واري شعبي مان 21 کان 27.8 سيڪڙو ۽ زراعت مان 21.4 کان 27.8 سيڪڙو جي وِچ ۾ سنڌ جي معاشي ڪارڪردگي رهي آهي.
پاڪستان جو 56 سيڪڙو تيل ۽ 71 سيڪڙو گيس سنڌ مان ايندي آهي. ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا دنيا جي وڏن ذخيرن ۾ شمارٿين ٿا. ڪراچيءَ جو شهر پاڪستان جي مالي راڄڌاني ۽ معاشي مرڪز هجڻ سان گڏ ملڪ جي آمدني جو 60 سيڪڙو ۽ پر ڏيهي واپار جو 90 سيڪڙو حصو سنڀاليندو آهي. انهيءَ ڊيٽا موجب پاڪستان جي معيشت کي ٺاهڻ وارو وڏو صوبو سنڌ آهي. پر ايتري معاشي ڪارڪردگي، طاقت ۽ تسلط رکڻ باوجود سنڌ جو نوجوان بيروزگار، سنڌ جو عوام سهولتن کان محروم، سنڌ جا تعليمي ادارا خالي، اسپتالن ۾ سهولتن جي ڪمي، سنڌي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ نه برابراضافو ڇو؟ ڇاڪاڻ ته سنڌ جي پسمنظر ۾ مٿي ٻڌايل نامياري واڌ مان اسين سنڌي قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو جائزو نٿا وٺي سگهون. جنهن جو وڏو ڪارڻ سنڌ جي وسيلن جي ناجائز تقسيم آهي، جنهن جو فائدو سنڌي عوام تائين نٿو پهچي سگهي. ترقياتي معاشيات ۾ ڪنهن به قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽي تدبيرون ڏنيون وڃن ٿيون .
- بنيادي سهولتون: جهڙوڪ کاڌ خوراڪ،ڪپڙو، مڪان، صحت ۽ تحفظ. 2. فردي صلاحيتون: بهتر روزگار، بهتر تعليم ۽ بهتر موقعا جنهن سان خوشحالي سان گڏ سماج ۾ پنهنجي هڪ بهتر جڳهه ٺاهي ٿو. 3. سماجي خوشحالي: جهڙوڪ ان قوم جا اصول ۽ آدرش جنهن سان ماڻهن کي انصاف، امُن ۽ ڀائيچاري سان گڏ سياسي ۽ معاشي آزادي ملي ٿي. معيشت جي ُڪُل پيداوا ر ۽ معاشي حالتن ۾ اضافو آهي.
سنڌ جي ترقي ۽ ان ۾ رڪاوٽن کي سمجهڻ لاءِ هڪ نظر هن خطي جي تاريخ تي وجهڻ لازمي آهي. سنڌ جي
5 هزار سالن کان به پراڻي تاريخ ۾ هن خطي جي ترقي جا وڏا ڪارڻ هتان جون جاگرافيائي خاصيتون، خاص طور سنڌو درياهه، سمنڊ ۽ هتان جي سرسبز زمين نظر اچي ٿي. انهن وسيلن جي هوندي هتان جي ماڻهن قديم دور ۾ ئي خوشحالي ۽ بنيادي سک سهولتن ۾ اضافو حاصل ڪري ورتو، واپاري تسلط قائم ڪيو ۽ زرعي معيشت مان شهري معيشت ڏانهن وڌيا. ڏيهي توڙي پرڏيهي واپار جو مرڪز ٿيڻ سان هتي ڄاڻ ۽ خيالاتن جي ڏي وٺ وڌندي رهي جنهن صورت ۾ هي خطو تعليمي ۽ تهذيبي طور تي اڀُري دنيا جي شاهوڪار تهذيبن ۾ شمار ٿيو. هتان جي خوشحالي کي ڏسي ڀرپاسي جون قومون جن وٽ وسيلن جي ڪمي هئي انهن جا لڏ پلاڻ سنڌ طرف هلندا رهيا. جنهن ڪري هتي ثقافتي ۽ مذهبي رواداري وڌندي رهي. جيڪي قومون ڪمزور يا امُن پسند هيون اهي سنڌي قوم ۾ رلي ملي ويون ۽ جيڪي قومون ڏاڍيون هيون انهن هتان جي وسيلن تي قابض ٿي حڪومتون قائم ڪيون ۽ طبقاتي فرق وڌندا ويا. ڌارين جي قبضي دورن هتي جي اصلوڪي رهاڪن مٿان مذهبي ۽ سماجي برتري نافذ ڪئي وئي. انهن دورن ۾ سنڌ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ سماجي ترقي به ٿي پر مسلسل جبر ۽ غلامي هيٺ رهڻ سبب نتيجن طور سنڌي سماج ۾ غلاميءَ جا عنصر رهندا ويا ۽ سنڌي قوم پنهنجي قديم سياڻپ وساري ٻاهرين رسمن رواجن کي مذهبي ۽ سماجي ريتن رسمن طور پنهنجي معاشري ۽ سماج ۾ جذب ڪندي وئي .
اڄوڪي سنڌ جو جيڪو معاشي پسمنظر آهي انُ جي جڙ انگريز سرڪار جي حُڪومت کان شروع ٿئي ٿي. ان وقت ۾ اهو به ٿيو جو انگريز سرڪار کوڙ ترقياتي ڪم پڻ ڪرايا. جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي جو نئين سر بنياد رکڻ، سنڌ ۾ ريل جو نظام متعارف ڪرائڻ ۽ سڀ کان اهم ڪم سنڌو درياهه تي بئراج جوڙائي زراعت لاءِ آبپاشي نظام جو قائم ڪرڻ هو.
ترقي ته پري جي ڳالهه پر بُنيادي صحت ۽ تعليم جون سهولتون حاصل ڪرڻ کان به رهجي ويا. انگريزن جي ادارتي آئيني نظامن ۽ انُهن کان بعد آيل حڪومتن جي ويتراستحصالن اڄ ڏينهن تائين سنڌي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رنڊڪون پيدا ڪيون آهن. جتي شهري علائقن ۾ وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ پئسو لڳايو وڃي ٿو، جنهن سان اتي پيداوار ۽ روزگار جا ذريعا وڌن ٿا، انُ سان گڏو گڏ تعليم تي سرمائيداري ڪري تعليم کي مالي سگھه رکندڙن تائين محدود رکيو وڃي ٿو. انهن عنصرن جي ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سهولتن جي ڪمي پيدا ٿئي ٿي ۽ اتي انساني سرمايو پيدا نٿو ٿئي ۽ علائقن ۾ طبقاتي فرق پيدا ٿين ٿا. جنهن جي صورت ۾ ٻهراڙي وارن ڪجهه علائقن ۾ ڏوھ ۽ بدامني وڌي وڃي ٿي. تعليم جي ڪمي هجڻ ڪري ماڻهن جي ذهنن ۾ پيري مريدي ۽ عقيدت پرستي اچي وڃي ٿي. انهن لاچار ماڻهن جي اٻوجهائپ جو فائدو وٺي سياستدان ماڻهن کي دلاسا ڏئي پنهنجا سياسي مفاد پورا ڪن ٿا.