شخصيتن، يادگيرين ۽ زماني جو سفر

مختيار احمد ملاح

خاڪا نويسي، سوانحي ادب جو هڪ اهم حصو آهي. جنهن ۾ ليکڪ ڪنهن هستيءَ، شخص، دوست، اديب يا بزرگ، جنهن سان سندس سڌيءَ ريت واسطو رهيو هجي، ان جي زندگي ۽ سندس خدمتن کي چٽيندو آهي. خاڪو گهڻين حقيقتن ۽ رنگن سان چٽيل نه عڪس هوندو آهي ۽ نه ئي وري ڪو فوٽو گراف، جنهن ۾ رواجي شيون به اچي وينديون آهن. ادب ۾ جنهن کي خاڪا نويسي چئبو آهي، ان ۾ گهٽ ۾گهٽ لفظن سان ادبي نموني ڪنهن هستيءَ، شخص يا بزرگ کي چٽيو ويندو آهي.

عام طور ڪن خاص شخصن تي خاڪا لکيا ويندا آهن. پر خاڪا نويس عڪس ٺاهي زندگيءَ ۾حقيقتن جي سچائي ۽ غير شخصي رخ ضرور ڏيندو آهي، ان ۾ تصورکي بلڪل جڳهه ڪانهي. جيوني ڪنهن شخص جي سموري زندگي يا زندگيءَ جي گهڻي حصي کي پاڻ ۾ سمائي ٿي. جڏهن ته ڪنهن جو خاڪو، ليکڪ جي ڏات ۽ زندگيءَ سان جوڙيل ڪنهن شخص جو مختصر چتر آهي. ان نموني جيون ڪهاڻي ۽ سوانح نگاريءَکان الڳ آهي. خاڪي چٽڻ ۾اختصار ۽ شدت (Intensity) استعمال ڪئي ويندي آهي. ٿورن لفظن ۾ به گهڻو ڪجهه چوڻ خاڪي جي چٽڻ جي خصوصيت هوندي آهي.ان حوالي سان رکيل مورائي جو تازو شايع ٿيل ڪتاب “شخصن جي آس پاس” سنڌي خاڪي واري ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي.

الله رکيو سولنگي، ڳوٺ حاجي مالڪ ڏنو سولنگي ۾ جاڙو خان سولنگي جي گهر ۾9 اپريل 1965ع تي جنم ورتو. هن 80 ڏهاڪي کان شاعري جي شروعات ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ فني پختگي ۽ موضوعن جي وسعت به آهي. رکيل مورائي شاعريءَ سان گڏ تنقيدي مضمون، تبصرا، مهاڳ ۽ تعارف به لکيا آهن. ان حساب سان هو تنقيد نگار به آهي. هن عوامي آواز سميت مختلف اخبارن  ۾ ڪيترائي ڪالم ۽ مضمون به لکيا آهن.سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾:

”ڪوڙين ڪن سلام“ (ڀٽائيءَ کي منظوم ڀيٽا، 2008ع)، ”سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس“ (جي رام داس دولترام جا مضمون. ترتيب 2005ع)، ”سنڌ جو سر مست“ (سچل  بابت ترتيب ڏنل مضمون ۽ مقالا 2005ع)، ”مان جي مئس پنڌ ۾“ (بي نظير ڀٽو کي منظوم ڀيٽا ترتيب 2010ع)، ”سنڌي شاعريءَ جو وهائو تارو“ (شاهه ڪريم بابت ترتيب 2012ع)، ”شاهه لطيف هڪ تحقيقي ۽ تخليقي اڀياس“ (2015ع)، ”لڇمڻ ڪومل جا خط“ (خط، 2016ع)، ”شاعريءَ ۾ جيئندڙ شخص – اينٿالاجي “ (احمد سولنگي: فن ۽ شخصيت، 2018ع)، “شخصن جي آس پاس” (خاڪا، 2026ع)، “شيخ اياز-ننڍي کنڊ جو وڏو شاعر ” (ترتيب، 2026ع) ۽ ”قاضي قادن هڪ اڀياس“ (مقالا-ترتيب) شامل آهن.

رکيل مورائيءَ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ بيشمار ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن، جن ۾ سندس تنقيد ۽ تحقيق اچي وڃن ٿا. سندس شاعريءَ جا مجموعا “اتر لڳاءُ  آءُ پرينءَ” ۽ “شاعريءَ جي  آس پاس” اڃا شايع ٿي نه سگهيا آهن.

جيتوڻيڪ رکيل مورائيءَ جا جيڪي ڪتاب سهيڙيل آهن، تن تي هن جا شاندار مقدما به لکيا آهن، جن مان سندس علمي، تنقيدي ۽ تحقيقي عمل جي پرک ملي ٿي، پر   “شخصن جي آس پاس” سندس نج لکتن جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو مختلف شخصن جي خاڪن تي مبني آهي. هي ڪتاب 2026ع ۾ مرڪ پبليڪيشن پاران شايع ٿيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب جي ڪاپي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان ڏني.  240 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب کي رکيل مورائي ٽن حصن ۾ ورهايو آهي: ڪتاب جي پهرين حصي "اديب” ۾ رکيل مورائي انهن شخصيتن بابت لکيو آهي، جن سنڌي ادب، شاعري، فڪر ۽ قومي شعور جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو. هن حصي ۾ راشد مورائي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، مير محمد پيرزادو، آنند کيماڻي، ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، ماهتاب محبوب، حافظ محمد بخش خاصخيلي، تاج جويو، مشتاق باگاڻي، مهجور غلام حيدر سولنگي، گدا خاصخيلي، خليل مورياڻي، فضل سليمان قاضي، عبدالقادر منگي، گل محمد عمراڻي، عمر قاضي، مولا بخش ٻرڙو، ڊاڪٽر منظور قادر، محمد خان ابڙو، باري منگي ۽ ادل سولنگي جهڙيون شخصيتون شامل آهن.

هن فهرست تي نظر وجهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ صرف مشهور نالن تائين محدود نه رهيو آهي، بلڪه انهن شخصيتن کي به ياد ڪيو آهي، جيڪي شايد مرڪزي ڌارا جي شهرت کان پري رهيا، پر ادب ۽ سماج لاءِ سندن خدمتون اهم رهيون. اهو ڪتاب جو هڪ وڏو ادبي ۽ اخلاقي قدر آهي.

ڪتاب جو ٻيو حصو “دوست” منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ دل ڇهندڙ آهي. هن حصي ۾ محمد هاشم ڪورائي، محمد خان جتوئي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نادر قناصرو، غلام نبي ڪورائي، حاجي علمي نواز سولنگي، محمد يونس مستوئي، سڪندر سانوڻ ڪورائي، حسين بخش گڏاڻي ۽ نذير احمد زرداري بابت لکيل خاڪا شامل آهن.هتي رکيل مورائي جو فن پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿو. هُو دوستن کي رڳو ياد نٿو ڪري، پر سندن شخصيتن جي اهڙن پهلوئن کي سامهون آڻي ٿو، جيڪي عام طور زندگيءَ جي شور ۾ لڪي ويندا آهن. انهن خاڪن ۾ محبت، وڇوڙو، يادگيري ۽ انساني لاڳاپن جي گرمي وڏي شدت سان محسوس ٿئي ٿي.

ٽئين حصي “عزيز” ۾ جاڙو خان سولنگي، محمد ابراهيم لاڙڪ، حاجاڻي حوا ميراڻي، محمد صفر سولنگي، محمد رمضان سولنگي، محمد عثمان سولنگي ۽ صوفي عجيب علي فقير بابت لکيل خاڪا شامل آهن.هن حصي ۾ ليکڪ جو انداز وڌيڪ ذاتي، جذباتي ۽ يادگيرين سان ڀرپور آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته هتي به جذبات حقيقتن تي غالب نٿا اچن. رکيل مورائي پنهنجي عزيزن بابت لکندي به ادبي توازن برقرار رکي ٿو، جيڪو هڪ پختي ليکڪ جي سڃاڻپ آهي.

هن ڪتاب جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته هي رڳو شخصيتن جو ذڪر نٿو ڪري، پر انهن جي چوڌاري ڦرندڙ زماني، حالتن، سماجي ماحول ۽ انساني رشتن کي به بيان ڪري ٿو. هر خاڪو پنهنجي اندر هڪ مڪمل ڪهاڻي رکي ٿو. ڪنهن ۾ خوشين جا پاڇا آهن، ڪنهن ۾ وڇوڙي جا زخم، ڪنهن ۾ سياسي جدوجهد جا آثار آهن ته ڪنهن ۾ علم، ادب ۽ دوستيءَ جا روشن باب.

رکيل مورائي شخصيتن کي صرف ياد نٿو ڪري، پر انهن جي اندر لڪل انسان کي پڙهندڙ سان متعارف ڪرائي ٿو.مون کي خاص طور تي ڪتاب جو اهو پهلو وڻيو، جتي ليکڪ مشهور شخصيتن سان گڏ عام ۽ سادن ماڻهن کي به ساڳي اهميت سان پيش ڪري ٿو. سنڌي خاڪا نويسيءَ ۾ اڪثر وڏين شخصيتن تي لکيو ويو آهي، پر رکيل مورائي پنهنجي دوستن ۽ عزيزن بابت لکندي به اهڙو ئي فني جوهر ڏيکاريو آهي، جيڪو هڪ سچي خاڪا نگار جي سڃاڻپ آهي. هو ننڍن واقعن، مختصر يادگيرين ۽ عام ڪردارن مان به زندگيءَ جي وڏي معنيٰ ڪڍي وٺي ٿو.

رکيل مورائي جي نثر جي هڪ خاص خوبي سندس سادگي آهي. هو بنا ڪنهن لفظي آرائش جي پڙهندڙ کي پنهنجي ڳالهه سان ڳنڍي رکي ٿو. سندس نثر ۾ جذباتيت ضرور آهي، پر اها مصنوعي نه پر فطري محسوس ٿئي ٿي. ان ڪري سندس لکڻيون پڙهندي ائين لڳي ٿو ڄڻ هو ڪنهن ادبي مجلس ۾ ويهي سامهون ويٺل شخص بابت ڳالهائي رهيو هجي. “شخصن جي آس پاس” پڙهندي مون کي اهو احساس ٿيو ته هي رڳو خاڪن جو مجموعو ناهي، پر سنڌ جي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو هڪ دستاويز آهي. هن ڪتاب ۾ چويهه اديبن، ڏهن دوستن ۽ ستن عزيزن جون زندگيون، يادگيريون ۽ خدمتون محفوظ ٿي ويون آهن. هي ڪتاب موجوده ۽ ايندڙ نسلن لاءِ نه رڳو شخصيتن جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي، پر هڪ فڪري ۽ سماجي سفر پڻ آهي. هن ڪتاب پڙهندي احساس ٿيو ته ڪجهه خاڪا، هن پنهنجي دل مان اڀاري لکيا آهن، ڪجهه ذهن  بصيرت سان لکيا آهن ۽ ڪجهه خاڪا محض ميار لاهڻ ۽ ٿورائتو ٿيڻ لکيا آهن.

آخر ۾ مان اهو چوندس ته رکيل مورائي جو هيءُ ڪتاب سنڌي خاڪي نويسيءَ واري ادب جي روايت ۾ هڪ اهم ۽ قابلِ قدر واڌارو آهي. هن شخصيتن کي ياد ڪرڻ سان گڏ هڪ دور، هڪ سماج ۽ هڪ فڪر کي به محفوظ ڪيو آهي. “شخصن جي آس پاس” پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ صرف انهن شخصن بابت نٿو سوچي، پر پنهنجي آس پاس، موجود ماڻهن، لاڳاپن ۽ پنهنجي وجود بابت به سوال ڪرڻ شروع ڪري ٿو. شايد ڪنهن سٺي ڪتاب جي اها ئي وڏي ڪاميابي هوندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.