سوريا ڪمار يادو ڪپتاني تان هٽايو ويو، شرياس اَئِيَر ڀارت جو نئون ٽي ٽوئنٽي ڪپتان مقرر

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) آئرلينڊ، انگلينڊ ۽ ايشين گيمز 2026 لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ فاتح ڪپتان سوريا ڪمار يادو کي نه رڳو ڪپتاني تان هٽايو ويو آهي پر کيس ٽيم مان به ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شرياس اَئِيَر کي ڀارت جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
آءِ پي ايل جي 19هين سيزن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 15 ورهين جي نوجوان بيٽر ويڀَو سورياونشي کي پهريون ڀيرو ڀارتي سينيئر ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، تلڪ ورما کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا به اسڪواڊ جو حصو نه آهي.
اسڪواڊ جو اعلان سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين اجيت اگرڪر ۽ بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديوجيت سائڪيا گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.
ٻئي پاسي زخمي ويرات ڪوهلي جي جاءِ تي يشسوي جئسوال کي افغانستان خلاف ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڀارت ۽ افغانستان وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 13 جون کان شروع ٿيندي.

هاردڪ پانڊيا بابت ڇا چيو ويو؟
بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديوجيت سائڪيا پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته هاردڪ پانڊيا هن وقت سينٽر آف ايڪسيلنس (سي او اي) بئنگلورو ۾ ريهيبليٽيشن پروگرام مان گذري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هاردڪ جلد ئي فٽنيس ٽيسٽ ڏيندو، جڏهن ته روهت شرما به ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن اندر سي او اي ويندو.
هن چيو ته بورڊ ٻنهي رانديگرن جي فائنل فٽنيس ڪليئرنس جو انتظار ڪري رهيو آهي.

شرياس اَئِيَر کي ڪپتان ڇو بڻايو ويو؟
چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر موجب، شرياس اَئِيَر گذريل ڪجهه سالن دوران مختلف فرنچائزز جي ڪامياب قيادت ڪئي آهي.
هن چيو” شرياس هڪ ڀيرو آءِ پي ايل ٽائيٽل به کٽيو آهي. ڀارتي ٽيم جي ڪپتاني لاءِ جيڪي معيار گهربل هوندا آهن، هو انهن تي پورو لهي ٿو.“

ڇا ويڀَو سورياونشي سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙيندو؟
15 ورهين جو ويڀَو سورياونشي ڀارتي سينيئر ٽيم ۾ چونڊجندڙ سڀ کان گهٽ عمر وارو رانديگر بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ اهو اعزاز عظيم بيٽر سچن ٽنڊولڪر جي نالي هو.
ويڀَو تازو آءِ پي ايل سيزن دوران 237.30 جي شاندار اسٽرائڪ ريٽ سان 776 رنسون اسڪور ڪيون هيون.
هو آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري کان اڳ سريلنڪا ۽ افغانستان خلاف ٽه ملڪي سيريز ۾ 9 کان 21 جون تائين ڀارت-اي جي نمائندگي ڪندو.
جيڪڏهن ويڀَو آئرلينڊ يا انگلينڊ خلاف ڊيبيو ڪري ٿو ته هو 16 سالن جي عمر کان اڳ بين الاقوامي ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ پهريون ڀارتي رانديگر بڻجي ويندو.
سچن ٽنڊولڪر 16 سال ۽ 205 ڏينهن جي عمر ۾ ٽيسٽ ۽ 16 سال 238 ڏينهن جي عمر ۾ ون ڊي ڊيبيو ڪيو هو، جڏهن ته واشنگٽن سُندر 18 سال ۽ 80 ڏينهن جي عمر ۾ ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪندڙ ڀارت جو سڀ کان نوجوان رانديگر آهي.
ڀارتي اسڪواڊ ۾ چونڊجڻ تي ويڀَو کي مبارڪون ملڻ جو سلسلو جاري آهي.
بهار جي نائب وڏي وزير سمراٽ چوڌري ايڪس تي لکيو ته” ويڀَو سورياونشي کي رڳو 15 سال ۽ 71 ڏينهن جي عمر ۾ ڀارتي ٽيم ۾ چونڊجڻ تي دلي مبارڪون، هي تاريخي ڪاميابي سندس صلاحيت ۽ سخت محنت جو ثبوت آهي.“
هن وڌيڪ لکيو ته ” ويڀَو نه رڳو بهار پر سڄي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته هو مستقبل ۾ به شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو.“

ويڀَو جي چونڊ بابت ماهرن جي راءِ
سينيئر صحافي اياز ميمڻ جو چوڻ آهي ته ويڀَو لاءِ آءِ پي ايل جو سيزن انتهائي ڪامياب رهيو.
سندس چوڻ هو ته:” 700 کان مٿي رنسون ٺاهڻ کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها هئي ته هن اهي رنسون ڪهڙي انداز سان ٺاهيون، سنيل گواسڪر، روي شاستري ۽ مائيڪل ڪلارڪ جهڙن وڏن نالن به کيس سينيئر ڀارتي ٽيم ۾ کيڏائڻ جي حمايت ڪئي هئي.“
اياز ميمڻ سوريا ڪمار يادو کي ڪپتاني تان هٽائڻ بابت چيو ته جيڪڏهن ڪو رانديگر پنهنجي جاءِ برقرار نٿو رکي سگهي ته پوءِ کيس ڪپتان رکڻ مشڪل هوندو آهي.

ايشين گيمز لاءِ ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم
شرياس اَئِيَر (ڪپتان)، تلڪ ورما (نائب ڪپتان)، روي بشنوئي، اڀيشيڪ شرما، نتيش ڪمار ريڊي، جسپريت بُمرا، سنجو سيمسن، اڪشر پٽيل، هرشت راڻا، ايشان ڪشن، واشنگٽن سُندر، ارشديپ سنگهه، شيوم دوبي، ورون چڪرورتي ۽ ويڀَو سورياونشي.

آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ ڀارتي ٽيم
شرياس اَئِيَر (ڪپتان)، تلڪ ورما (نائب ڪپتان)، روي بشنوئي، اڀيشيڪ شرما، نتيش ڪمار ريڊي، محمد سراج، سنجو سيمسن، اڪشر پٽيل، هرشيت راڻا، ايشان ڪشن، واشنگٽن سُندر، ارشديپ سنگهه، شيوم دوبي، ورون چڪرورتي، پرنس يادو ۽ ويڀَو سورياونشي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.