سنڌ کي "زرعي صوبو” ۽ "پاڪستان جو کاڌي جو ڇٻو” سڏيو وڃي ٿو، جتي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو آبادي سڌي يا اڻ سڌي طرح زراعت سان وابسته آهي. پر افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته جيڪو هاري پنهنجي رت ۽ پگهر سان قوم جو پيٽ پالي ٿو، اهو پاڻ اڄ ٻن وقتن جي ماني کان محروم آهي.
آخر سنڌ غريب هاري لاءِ دوزخ ڇو بڻجي وئي آهي؟ هاري سڄو ڏينهن سخت محنت ڪري ٿو، سج جي تپش ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ راتيون قرضن جي ڳڻتي ۾ گذاري ٿو، پر پوءِ به سندس گهر جو چلهو مشڪل سان ٻري ٿو. جنهن جي هٿن جي محنت سبب اسان جي دسترخوانن تي اناج پهچي ٿو، انهن هٿن جا مالڪ پاڻ بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن.
جيڪڏهن سنڌ جا هاري زمين نه پوکن ته پوءِ سنڌ کي زرعي صوبو ڪيئن سڏيو ويندو؟ سج ۾ ڏينهن، قرض ۾ رات، خوراڪ جو ڇٻو سنڌ، پر هاري خالي پيٽ ڇو؟ آخر ڇو رڳو هاري جي گهر ۾ بک ۽ محرومي جو راڄ آهي؟
سنڌ پاڪستان جي زرعي پيداوار ۾ اهم حصو ڏئي ٿي، پر ان باوجود هاري پنهنجي اولاد کي معياري تعليم ته پري، مناسب خوراڪ به فراهم نٿو ڪري سگهي. آخر ڇو هر ڀيري ظلم، استحصال ۽ ناانصافي جو نشانو صرف هاري ۽ غريب بڻجن ٿا؟ ڇا رياست انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي بڻجي وئي آهي جو انهن جي درد کي محسوس نٿي ڪري؟ يا وري ڪي قوتون چاهين ٿيون ته غريب هميشه غربت، بک ۽ بدحالي جي زندگي گذاري؟
جيڪا حڪومت پنهنجي هارين سان ظالماڻو سلوڪ ڪري ٿي، اها ترقي ڪيئن ڪري سگهندي؟ جيڪو هاري قوم کي اناج مهيا ڪري ٿو، اهو پاڻ ئي ان اناج مان فائدو حاصل ڪرڻ کان محروم آهي. سماجي استحصال، معاشي ناانصافي ۽ قرضن جو بار هارين جي زندگي کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيترائي هاري معاشي تڪليفن سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. سوال اهو آهي ته ڇا ڪو ادارو يا نظام انهن مظلوم هارين کي انصاف ڏيندو ۽ کين جيئڻ جي نئين اميد ڏيندو؟
هارين جي مسئلن جا ڪيترائي سبب آهن. سڀ کان وڏو سبب وچ وارن ۽ استحصالي نظام جو وجود آهي، جتي زميندار ۽ واپاري هاري جي محنت جو وڏو حصو پاڻ کڻي وڃن ٿا، جڏهن ته هاري کي پنهنجي فصل جو مناسب اگهه به نٿو ملي. ٻيو وڏو مسئلو زرعي خرچن ۾ غيرمعمولي اضافو آهي. هر ڪجهه مهينن بعد ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ٿئي ٿي، پر هاري جي آمدني ۾ ڪو به واڌارو نٿو اچي. نتيجي طور فصل وڪڻڻ کان پوءِ به سندس آمدني خرچن جي پورائي نٿي ڪري سگهي.
زمينداري نظام ۽ سماجي اڻبرابري پڻ هارين جي محرومين جو اهم سبب آهن. اڄ به زمين جي مالڪي ڪجهه ماڻهن وٽ محدود آهي، جنهن سبب فصل جي آمدني جو وڏو حصو زميندار وٽ وڃي ٿو، جڏهن ته هاري محنت جي باوجود غربت جو شڪار رهي ٿو.
حڪومتي پاليسين تي عملي طور عمل نه ٿيڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. ڪسان پيڪيج، سبسڊي ۽ فصلن جي انشورنس جهڙيون سهولتون اڪثر فائلن تائين محدود رهجي وڃن ٿيون. نتيجي ۾ هارين کي سستو ڀاڻ، معياري ٻج ۽ جديد زرعي سهولتون وقت تي نٿيون ملي سگهن. ذخيرن ۽ مارڪيٽنگ جي سهولتن جي کوٽ به هارين لاءِ نقصانڪار آهي. سردخانن ۽ گودامن جي اڻهوند سبب هاري فصل جي موسم ۾ مجبور ٿي گهٽ قيمت تي پنهنجو مال وڪڻي ڇڏين ٿا، جڏهن ته وچ وارا ان کي ذخيرو ڪري بعد ۾ وڌيڪ اگهه تي وڪڻن ٿا. هڪ ٻيو سنگين مسئلو نوجوان نسل جو زراعت کان منهن موڙڻ آهي. آمدني ۽ عزت جي کوٽ سبب هاري جو پٽ هاڻي زراعت بدران شهرن ۾ مزدوري يا ٻيا پيشا اختيار ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، جيڪو مستقبل ۾ قومي خوراڪ جي تحفظ لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.
انهن مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي ته هارين جا ڪسان ڪارڊ ۽ ڊجيٽل رڪارڊ تيار ڪيا وڃن، سڌي سبسڊي فراهم ڪئي وڃي، هر تعلقي ۾ زرعي مارڪيٽون ۽ سردخانا قائم ڪيا وڃن، جديد زرعي تربيت ڏني وڃي ۽ زمين جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي. ان سان گڏ هارين جون ڪوآپريٽو سوسائٽيون قائم ڪيون وڃن ته جيئن هو پنهنجي پيداوار جو مناسب اگهه حاصل ڪري سگهن.
سنڌ جو هاري صرف هڪ فرد نه، پر پاڪستان جي خوراڪ جي تحفظ جو ضامن آهي. هو پنهنجي حلال محنت سان زمين کي آباد ڪري قوم لاءِ اناج پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن هاري کي سندس حق، عزت ۽ مناسب معاوضو ملندو ته هو وڌيڪ محنت سان ملڪ جي زرعي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
جيستائين هاري خوشحال نه ٿيندو، تيستائين نه زراعت ترقي ڪندي ۽ نه معيشت مضبوط ٿيندي. تنهن ڪري وقت جو اهم تقاضو آهي ته حڪومت، سماج، ميڊيا ۽ لاڳاپيل ادارا هارين جي مسئلن کي قومي ايجنڊا جو حصو بڻائين، ڇاڪاڻ ته خوشحال هاري ئي خوشحال سنڌ ۽ خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي. هاري کانسواءِ فصل نه ٿيندا ۽ نه ئي ملڪ ۾ خوراڪ جو تحفظ ممڪن هوندو. جيڪڏهن هاري کي وقت تي پاڻي، سستو ڀاڻ، مناسب قيمت ۽ عزت نه ملندي ته هو زراعت کان پري ٿي ويندو، جنهن سان خوراڪ جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.تنهن ڪري حڪومت، تعليمي ادارن، سماج ۽ هر شهري جو فرض آهي ته هاري جي مدد ڪري، کيس جديد سهولتون ۽ سڌي سبسڊي فراهم ڪري. ياد رکو، جيڪڏهن هاري خوشحال هوندو ته اسان سڀ خوشحال هونداسين.. هاري خوشحال هوندو ته سنڌ خوشحال هوندي، ۽ سنڌ خوشحال هوندي ته پاڪستان خوشحال هوندو…..