سوريا کان ڀارت جي ڪپتاني کسڻ کانپوءِ ٽيم مان ڪڍڻ تي غور، ويڀَو جي شموليت جو چٽو امڪان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ۾ وڏي تبديليءَ جو امڪان آهي.
رپورٽن موجب، شرياس اَئيَر کي سوريا ڪمار يادَو جي جاءِ تي نئون ڪپتان مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته 15 ورهين جي نوجوان بيٽسمين ويڀَو سورياونشيءَ کي پهريون ڀيرو قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
اي ايس پي اين ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، ڀارتي سليڪٽرز 2028 جي لاس اينجلس اولمپڪس ۽ ساڳئي سال آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ڪرڻ جو امڪان آهي.
سوريا ڪمار يادو کي ڇو هٽايو پيو وڃي؟
35 سالن جي سوريا ڪمار يادو جي ڪارڪردگي ويجهڙائي ۾ مايوس ڪندڙ رهي آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ هو 9 اننگز ۾ رڳو 242 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته آءِ پي ايل 2026 ۾ به سندس ايوريج 20.76 رهي.
رپورٽن موجب، کيس نه رڳو ڪپتانيءَ تان هٽايو ويندو، پر اسڪواڊ مان به ٻاهر ڪري سگهجي ٿو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شرياس اَئيَر جي قيادت جو ڪپتان طور رڪارڊ متاثر ڪندڙ آهي، هن 2024 ۾ ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز کي آءِ پي ايل چيمپيئن، جڏهن ته 2020 ۾ دهلي ڪيپيٽلز ۽ 2025 ۾ پنجاب ڪنگز کي فائنل تائين پهچايو.
بيٽر طور به هو شاندار فارم ۾ آهي، آءِ پي ايل 2025 ۾ 604 ۽ 2026 ۾ 498 رنسون شاندار اسٽرائڪ ريٽ سان ٺاهيون آهن.
ان کانسواءِ ڀارت جي اُڀرندڙ جارحاڻي اوپنر ويڀَو سورياونشي جي شموليت تي سڀني جون نظرون کتل آهن.
هن تازي آءِ پي ايل سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ 776 رنسون 237.30 جي اسٽرائڪ ريٽ سان ٺاهيون آهن.
جيڪڏهن سندس چونڊ ٿئي ٿي ته هو سچن تينڊولڪر کانپوءِ ڀارتي مردن واري ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر بڻجي ويندو.
ڀارتي ٽيم 26 ۽ 28 جون تي بيلفاسٽ ۾ آئرلينڊ خلاف ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي، جنهن کانپوءِ هڪ کان 11 جولاءِ تائين انگلينڊ خلاف پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
ان کان اڳ ويڀو سورياونشي 9 کان 21 جون تائين سريلنڪا ۾ رٿيل ٽه ملڪي سيريز ۾ ”انڊيا-اي“ جي نمائندگي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.