هر ٽيم سيريز کٽڻ لاءِ پنهنجي مرضي جون پچز ٺاهي ٿي، ورلڊ ڪپ اڃا پري آهي: شاهين آفريدي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان جي 1-2 سان ڪاميابي دوران سڀ کان وڌيڪ بحث پچز جي حوالي سان رهيو.
راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ميزبان ٽيم اسپن لاءِ سازگار وڪيٽون تيار ڪيون ته جيئن ڪمزور آسٽريلوي ٽيم خلاف هوم ايڊوانٽيج حاصل ڪري سگهجي.
خميس ڏينهن تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گهٽ اسڪور واري سخت مقابلي ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ناقد جو چوڻ آهي ته اهڙيون وڪيٽون 2027 واري ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ وڌيڪ مددگار ثابت نه ٿينديون ڇاڪاڻ ته ميگا ايونٽ ڏکڻ آفريقا، زمبابوي ۽ نميبيا ۾ کيڏيو ويندو، جتي تيز بالرز کي وڌيڪ مدد ملڻ جو امڪان آهي.
ڪپتان شاهين شاهه آفريدي پچ جي حڪمت عمليءَ جو دفاع ڪندي چيو ته هر ٽيم پنهنجي هوم گرائونڊز تي کٽڻ لاءِ موزون حالتون پيدا ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ ۾ اڃا 15 مهينا پيا آهن ۽ قومي ٽيم وٽ مختلف قسم جي وڪيٽن تي تياري جو ڀرپور وقت موجود آهي.
سيريز ۾ نوجوان رانديگرن کي به موقعا ڏنا ويا، اسپنر عرفات منهاس پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جو شاندار شروعات ڪندي ڊيبيو ميچ ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ کيس سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ابرار احمد به متاثر ڪندڙ بالنگ جو مظاهرو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.