صدر زرداريءَ کان بهتر ڪو نمائندو ناهي، پ پ ئي گلگت واسين جي نمائندگي ڪري سگهي ٿي: بلاول

گلگت(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته موجوده حالتن ۾ سندن نمائندگي ڪير ڪري سگهي ٿو، هن ڀيري توهان کي فارم 45 جو بندوبست ڪرڻو پوندو.
گلگت ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هن ڀيري اسان ڪنهن کي به توهان سان ناانصافي ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، گذريل چونڊن ۾ توهان جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو هو.
هن چيو ته پيپلز پارٽي ئي توهان جي بهترين نمائندگي ڪري سگهي ٿي ۽ صدر آصف علي زرداريءَ کان بهتر ڪو ٻيو نمائندو نٿو ٿي سگهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ايٽم بم ۽ بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي جو تحفو ڏنو، پاڪستان دفاعي طور تي مضبوط آهي، ان جو سبب قائد عوام آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي خودمختياري سي پيڪ کان به وڏي آهي، صدر زرداري پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين جو بنياد رکيو ۽ پاڪستان مان پرڏيهي اڏا بند ڪرائي مهمانن کي خدا حافظ چيو.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته خطي ۾ جنگ جهڙيون حالتون آهن، اسان جو فيلڊ مارشل امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. جيتري جلد امن جي ڪوشش ڪامياب ٿيندي، اوترو جلد عوام کي رليف ملي سگهندو، اسان دعاگو آهيون ته فيلڊ مارشل جون خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب ٿين.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم جو وڌيڪ فائدو پنجاب کي ٿيو، اهي اين ايف سي ۽ 18هين ترميم کي تحفظ ڏيڻ نٿا چاهين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.