ڪراچي(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي قائد، سنڌ جي مهان ڏاهي رسول بخش پليجي پنهنجي وفات کان ڪجهه وقت اڳ روزاني عوامي آواز آفيس جو دورو ڪري انٽرويو ڏنو هو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته آمريڪي معيشت تي يهودين جو قبضو آهي تنهنڪري آمريڪي حڪومت تي پڻ انهن جا اثر اڻ ٽر آهن. اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ڪيئي ڏهاڪن بعد پاڻ ۾ ڳالهيون پيا ڪن. هن چيو ته هن وقت جاپان دنيا جي سموري وهنوار کان لاتعلق ۽ خاموش آهي. رسول بخش پليجي جو چوڻ هو ته آمريڪا، روس کي ختم ڪرڻ لاءِ منصوبندي ڪافي اڳ ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ان تي عمل پيو ٿئي. هن سنڌ بابت ڳالهائيندي چيو هو ته 1946 ۾ قائداعظم جي گڏجاڻي ۾ موجود هيس.سنڌ جا ماڻهو بي مثال هئا ۽ اڄ به بي مثال آهن.هن چيو ته عورت ڪٿان جي به هجي، ڪير به هُجي ان جي تذليل جي سخت خلاف آهيان.پاڪستان وٽ قائداعظم محمد علي جناح جي مڙهه واري ايمبولنس لاءِ 2 گيلن پيٽرول به نه هيو.جناح اڪيلي سر اُهو ماڻهو هو جيڪو صحيح معنى ۾ هندوستاني ذهنيت رکندڙ هو. رسول بخش پليجي سي پيڪ تي خدشا ڏيکاريندي چيو هو ته سي پيڪ سنڌ لاءِ عذاب ٿي ويو آهي.عالمي بهتري لاءِ جيڪي ڳالهيون گھرجن اهي چين ۾ ئي آهن ان سان پاڪستان جي سياست کي تبديل ڪري سگھون ٿا. هن انڪشاف ڪيو هو ته 88 سال عمر ٿي آهي پر اڄ تائين هڪ به اهڙو شخص نه مليو جنهن پاڪستان جي ڪا ڳالهه ڪئي هجي.نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نه آهي اسين پهريون انسان آهيون پوءِ سنڌي، پنجابي ۽ ٻيو ڪجهه آهيون.
وڃڻ وارو آهيان، آخري انٽرويو عوامي آواز کي ڏيڻ چاهيان ٿو : پليجو
ڪراچي: عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي فون ڪري روزاني عوامي آواز اچڻ جو چيو، پليجي صاحب جي عوامي آواز جي آفيس ۾ پهچڻ بعد عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر جبار خٽڪ به اچي ويو. جنهن پنهنجي طور اداري جي هڪ ڪمري ۾ ويهڻ جو بندوبست ڪيو، هتي ٽي وي ريڪارڊنگ لاءِ ماحول بهتر هو. ڊاڪٽر جبار خٽڪ جڏهن استاد رسول بخش پليجو کي ڳالهائڻ لاءِ چيو ته پليجي صاحب کين مذاق ۾ چيو ته: ”اول چانهه ۽ بسڪوٽ ته حاضر ڪريو.“ ڊاڪٽر صاحب فوري طور تي اهي گهرائي ورتا ۽ کيس پنهنجي هٿن سان بسڪوٽ چانهه ۾ ٻوڙي ڏنائون. جبار خٽڪ جڏهن پليجي صاحب ڪجهه ڪلاڪن جي مستقل سوالن جوابن جي ڳالهه رکي باوجود ان جي ته سندن طبيعت بهتر نه هئي، کيس ڊاڪٽرن طرفان به گهڻو ڳالهائڻ جي منع ٿيل هئي، پليجي صاحب اتي انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڳالهائڻ سان گڏ هِڪ اُردو ۽ انقلابي گيت به ٻڌايو. رسول بخش پليجو چيو ته مان وڃڻ وارو آهيان، خواهش هئي ته عوامي آواز کي انٽرويو ڏيان، هو بيماري جي بستري تي هجڻ باوجود عوامي آواز پهتو. پليجو صاحب جڏهن ان پروگرام مان موڪلائي هليو ويو ته ان کان پوءِ ڊاڪٽر جبار خٽڪ پليجي صاحب جي بلند حوصلي جي تعريف ڪندي چيو ته: ”سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ نوجوانن کي هن وڏي ۽ عظيم اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ تي پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ گهرجي.“ پليجو صاحب جو ڪنهن صحافتي اداري جي اسپتال ۾ آخري ڀيرو داخل ٿيڻ کان اڳ اهو آخري انٽرويو هو، جيڪو عوامي آواز تي پڻ موجود آهي، عوامي آواز جي سنڌي مئگزين ۾ به شايع ٿيل آهي، استاد پليجو صاحب جڏهن انتهائي گرمجوشي ۽ اسان سان موڪلائڻو هو ته هن اسان کي ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي دعوت ڏني.
سنڌ جي انقلابي، ڏاهي رسول بخش پليجو جي سڀاڻي ورسي، تياريون مڪمل
جنگشاهي (رپورٽ:غلام حسين شاھ) سنڌ جي عظيم انقلابي اڳواڻ، ڏاهي مفڪر ۽ سياستدان رسول بخش پليجو جي 8هين ورسي جي موقعي تي سڀاڻي 7 جون 2026ع آچر ڏينهن ڳوٺ منگر خان پليجو، جنگشاهي ۾ هڪ شاندار جلسو ڪيو ويندو، جنهن جون تياريون مڪمل جاري آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن موجب تقريب ۾ ملڪ کي درپيش اهم سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن تي روشني وڌي ويندي. جلسي ۾ آمريڪي سامراجي پاليسين، وسيلن تي قبضي، عورتن خلاف تشدد ۽ قتلِ عام، وڌندڙ مهانگائي ۽ 28هين آئيني ترميم سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جو اظهار ڪيو ويندو.عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سنڌ جي باشعور عوام، نوجوانن، شاگردن، مزدورن، هارين ۽ عورتن کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هو جلسي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي حقن ۽ عوامي مسئلن بابت آواز بلند ڪن. جلسو 7 جون 2026ع تي شام 4 وڳي ڳوٺ منگر خان پليجو، جنگشاهي ۾ شروع ٿيندو، جتي سنڌ جي مختلف علائقن مان سياسي، سماجي ۽ فڪري حلقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي شرڪت متوقع آهي.ياد رهي ته هر سال پليجو صاحب جي ورسي ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا آهن. بهترين انتظام ھئڻ ڪري ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه ايندو آهي.