لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جو لاش رکي ڌرڻو، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺاڻي جي قتل خلاف وارثن ايس ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.
لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ ماهوٽا جي رهواسي نور محمد شيخ کي جوابدارن حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف شيخ برادري جي ماڻهن ايس ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.
ان موقعي تي اسماعيل شيخ، عبدالرسول شيخ، غلام حسين ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته 24 تاريخ تي نور محمد شيخ ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويو ته اعجاز ڀٽي، سعيد ڀٽي، سلمان ڀٽي ۽ احمد ڀٽي ڪهاڙن جا وار ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن اڄ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.