ڀليڪار ڪريون، جي واقعي حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ سنجيده ڳالهيون ٿين.سٺو سوئنڻ ٿيندو، جي ٽڪرائندڙ گروپ سرچاءَ ۽ اتفاق راءِ تي راضي ٿي وڃن. خوش نيتي کان ڪم ورتو وڃي ته لچڪ اچي سگهي ٿي ۽ رستو بھ نڪري سگهي ٿو.مٺا ٻول ڪجهه مهينن لاءِ اختيار ڪيا وڃن تھ تلخيون ختم ٿي سگهن ٿيون. خوشيءَ جو تاثر ھوندو جيڪڏھن رياست ان سرچاءَ سان هلڻ شروع ڪري ڇڏي.سھڻي طريقي سان معاملن کي نبيرڻ گھڻو ڏکيو نھ ٿيندو. خوش نصيبي ۽ ڀلا ڀاڳ ٿيندا جيڪڏھن ڳالهين جو سٺو نتيجو نڪري ۽ اسان قومي حڪومت ڏانهن وڌي سگهون. خوش رنگ ٿي ويندي هي رياست، جي ھي ڏکيو پنڌ کٽي پوندو تھ، خوش و خرم ھوندي ھي قوم جيڪڏھن سياسي نفرتون دفن ٿي وينديون تھ !
هي عاجز، ٻن سالن کان سرچاءِ، ڳالهين ۽ صلح صفائي جي لاءِ ڌرين کي منٿ ميڙ ڪندو رھيو آهي، پر ڪنهن ڌر جي ڪن تي جونءَ بھ نھ ُسري.ھرڪو انا جي گهوڙي تي سوار ٿي،ٻئي کي چٿڻ پئي چاھيو ۽ اڄ جيڪا صورتحال آهي، اها ان ئي بيوقوفاڻي جوش جو نتيجو آهي. اڄ رياست زخم پچائي رھي آھي. جيڪي ان جي ساک تي لڳي ويا.تحريڪ انصاف پنهنجي زخمن تي پَھا رکي رهي آهي، اھي زخم ھڪ ٻئي مٿان مليل شڪستن جو نتيجو آهن. حڪومت بھ تڪليف ۾آهي ته ڊگهي مدي جي رٿابندي ٿي نھ پئي سگھي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو عوام آهي، ڇاڪاڻ جو ان لڙائي جي ڪري نااميدي وڌي رھي آهي ۽ مستقبل لاءِ ڪا به واٽ نه پئي ُسجھي. مطلب تھ ھن لڙائي اسان کي پوائنٽ آف نو رٽرن تي پھچائي ڇڏيو آھي.
جڏهن هن عاجز صحافي سرچاءَ ۽ ٺھڻ جي ڳالهه ڪئي ته، هر ھڪ ڌر گارين جي ڀريل کاري سان نوازيو.سڀ کان وڌيڪ پي ٽي آءِ جي مھربانن لتاڙيو ۽ دڙيو. اڄ اهي پاڻ ئي اڳتي وڌي مذاڪرات جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. مان انھن ڳالھين تي خوش ٿيڻ سان گڏ ڳڻتي ۾ بھ وٺجي ويو آھيان تھ مھربانن ھيستائين ايندي گھڻي دير ڪري ڇڏي آھي،پلن ھيٺان گھڻو پاڻي وھي چڪو آھي.جيڪڏھن اھو ڪم اڳ ڪيو وڃي ھا تھ پي ٽي آءِ کي گھڻو رليف ملي پئي سگهيو. هاڻي ان جا امڪان گهٽجي ويا آهن.
جيڪڏهن ڏکيو نھ لڳي تھ، عرض ڪجي تھ 8 فيبروري جي چونڊن بعد طاقتور ڌريون دٻاءَ ۾ اچي ويون ھيون.انھن کي تحريڪ انصاف جي مقبوليت جو ڊپ ھو ۽ مفاهمت نه ٿيڻ جي صورت ۾ انديشو ھو تھ ان جو ٺاھيل سيٽ اپ ھلي نھ سگھندو.ان وقت خان کي آزاد ڪري نظربندي لاءِ تيار هئا. ڌانڌلي ڪميشن جوڙڻ لاءِ بھ تيار ھئا.هاڻي صورتحال يڪسر بدلجي وئي آهي، مقتدره کي هاڻي تحريڪ انصاف مان ڪو به خوف نھ رھيو آھي ۽ ان کي تھ هاڻي اهو انديشو بھ نھ رھيو آھي تھ ھي سيٽ اپ ھلي نھ سگھندو. فيبروري 2024ع ۾ مقتدره ۾ پي ٽي آءِ جا پردي پٺيان حامي موجود هئا، هاڻي سموري مقتدرا متحد ٿي عمران مخالف بيانيئي کي رياست جو بيانيئو سمجهي ٿي.مقدرا جي طاقتور ترين ماڻھن جو ايمان جي حد تائين يقين آھي تھ ”مھربان“ ڪنھن اشاري تي رياستي فوج جي خلاف ۽ انھن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري هو ان کي روڪڻ جي لاءِ آخري حد تائين وڃڻ جي لاءِ تيار آھن.تحريڪ انصاف ھڪ ٻئي پٺيان تحريڪن، جلسن ۽ مارچ کي منعقد ڪري پنهنجي مقبوليت کي پاڻ ئي بي اثر ڪري ڇڏيو آهي. اسٽريٽ پاور ٻي شيءَ آهي ۽ ووٽ جي طاقت ٻي شيءَ آهي. تحريڪ انصاف جو ووٽ پاور هڪ حقيقت آهي پر ٻئي طرف تحريڪ انصاف جو اسٽريٽ پاور نه هجڻ به هڪ تلخ حقيقت آهي، سڄي پنجاب مان لانگ مارچ لاءِ ڪنھن بندي بشر جو نھ نڪرڻ اھو ثابت ڪري ٿو ته تحريڪ انصاف جي پنھنجي ووٽرن تي گرفت تمام گهڻي ڪمزور ٿي رهي آهي.
فيبروري کانپوءِ جي صورتحال ۾ عدليه تحريڪ انصاف جي حق ۾ فيصلا ڏئي رهي هئي، مقتدره ان وقت عدليه جي فيصلن تي پريشان هئي ۽ صلح صفائي انهن مسئلن جي حل جو واحد رستو تصور ڪيو پئي ويو. پر هاڻي جڏھن مقتدره يڪجا ٿي وئي آهي ته حڪومت مخالف عدليه بي جان ٿي چڪي آهي، مقبوليت مان ھوا نڪري وئي آھي. سوشل ميڊيا جون گاريون بي روح ۽ بي اثر ٿي چڪيون آھن. مالي مشڪلات ختم نه ٿيون آهن پر ڪافي حد تائين گهٽجي ويون آهن ۽ هاڻي ڊفالٽ جو خطرو نھ رھيو آھي. اسٽاڪ مارڪيٽ اونچي کان اونچي وڃي رهي آهي، وياج جي شرح گهٽجي رهي آهي، مهانگائي ۾ به مجموعي طور تي گهٽتائي آئي آهي، ظاهر آهي ته انهن اشارن ۽ واقعن سان مقتدرا ۽ حڪومت وڌيڪ ُپر اعتماد ۽ وڌيڪ مضبوط ٿيون، پي ٽي آءِ ھن وقت ڪمزورترين پوزيشن ۾ آهي. بنا ڪنهن شرط جي ڳالهين لاءِ رضامند ٿيڻ پڻ اھوئي ظاهر ڪري ٿو ته پي ٽي آءِ سول نافرماني طرف وڃڻ نھ ٿي چاهي، ڇاڪاڻ ته جيل کان ٻاهر قيادت کي يقين آھي تھ سول نافرماني تحريڪ جي ڪاميابي جو ڪو به امڪان ناهي.
في الحال ڳالهين جي غير سنجيدگي جو اندازو ان ڳالهه مان به ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ،جو سول نافرماني جو سڏ ڏنل آهي ۽ ٻئي طرف حڪومت ڪنھن هڪ به قيدي کي آزاد نھ ڪيو آهي. جيڪڏهن ڳالهيون سنجيده هجن ها ته تحريڪ انصاف سول نافرماني جو سڏ واپس وٺي ها ۽ حڪومت اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه قيدين کي آزاد ڪري ها. ان ڪري في الحال ڳالهين جو معاملو non starter آهي.
تحريڪ انصاف جي مخالفن کي هاڻي پتو پئجي چڪو آھي تھ اھا پنجاب مان ماڻھو ڪڍڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. تحريڪ انصاف ڪيترو بھ زور لڳائي ان جا پنھجا ماڻھون به بجلي، پاڻي يا گيس جا بل ڏيڻ بند نھ ڪندا. اڃان رياست نھ تھ ايتري قدر ڪمزور ٿي آهي جو سول نافرماني آسان ٿي وئي ھجي ۽ نه ئي تحريڪ انصاف ايتري مضبوط آهي جو عوام پارٽي وفاداريءَ جي بنياد تي رياست سان سڌي ٽڪراءُ ۾ اچي.
ڳالهيون، مفاهمت ۽ پوءِ حتمي طور تي قومي حڪومت جي تجويزن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بي اعتمادي آهي. حڪومت کي اڃا بھ شڪ آهي ته مهربان خان واقعي، ڳالهين لاءِ سنجيده آهي يا نھ ؟ حڪومت کي بي يقيني آھي، مذاڪرات مهربان خان ڪنهن به ڏينهن بگاڙي سگھي ٿو.مذاڪراتي ٽيم کي چارج شيٽ ڪري سگھي ٿو،ٻئي طرف تحريڪ انصاف کي به مڪمل طور تي يقين نه آهي ته انھن ڳالهين جي نتيجي ۾ ان کي ڪو رليف ملندو، ان تھ چاھيو پئي تھ فوج سان سڌي ريت ڳالهيون ڪري. پر مقتدرا جي مسلسل انڪار سان تحريڪ انصاف جي مايوسي ۾ اضافو ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف کي اعتبار قائم ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت کي ان کي اعتماد ڏيڻو پوندو، ته پوءِ ئي ڪجهه اڳڀرائپ ممڪن ھوندي.ٻي صورت ۾ نتيجو ٻڙي جوڙ ٻڙي ئي نڪرندو.
حڪومت ڪا بيوقوف تھ ناهي جو پنھنجي سرپرست مقتدرا کي ڇڏي ڪري يا ڪاوڙائي ڪري تحريڪ انصاف سان ڪو معاھدو ڪري.حڪومت اڳ ۾ مقتدرا سان مشورو ڪندي پوءِ ڳالهين لاءِ تيار ٿيندي. حڪومت جو فائدو تحريڪ انصاف جو نقصان آهي ۽ تحريڪ انصاف جو فائدو حڪومت جو نقصان آهي، جيستائين مقتدرا مھر ڪرڻ تي راضي نھ ٿي ٿئي، تيستائين مقبوليت کي قبوليت جو گرين سگنل نه ٿو ملي. بامعنيٰ ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن ۽ بامقصد ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن معقوليت جو مظاھرو ڪندي تحريڪ انصاف مقتدرا ۽ پارليامينٽ جي موجوده سيٽ اپ کي تسليم نه ٿي ڪري وٺي ۽ 9 مئي ۽ ڊسمبر جي واقعن تي دفاعي رويو اختيار نه ٿي ڪري. يعني ڳالهين ۾ مقبوليت جو ڪارڊ نھ معقوليت جو ڪارڊ ھلائڻو پوندو، نھ تھ قبوليت جو گيٽ پار نھ ٿيندو