سنڌ سان وفاق پاران پاڻي تي ٿيندڙ زيادتيءَ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آھي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي ميلن ۾ پڻ سنڌ جي ان ڪيس تي ڳالھايو پيو وڃي.جنھن مان ھن معاملي جي سنگيني جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. اھو درست آھي ۽ سنڌ جي ھر فورم تي پاڻيءَ جي لاءِ احتجاج جاري رھڻ گھرجي. ھڪڙي اھا ڳالھھ ھوندي آھي جيڪا چئي ويندي آھي ٻي اھا ھوندي آھي جيڪا ڪئي ويندي آھي. سو ملڪ جي آئين ۾ تھ گھڻو ڪجهھ لکيو پيو آھي پر ان ھوندي بھ ھتي ٿئي گھڻو ڪجهھ ان جي ابتڙ ٿو. ائين جڏھن ھن وقت سنڌ جي ھر ماڻھو کي اھو سڌي ريت نظر اچي رھيو آھي تھ وفاق پاڻيءَ بابت مڃيل، عالمي توڙي اخلاقي قانون موجب طئي ڪيل اصولن جي ابتڙ انڊس رور سسٽم موجب پوڇڙي واري ڀاڱي تي بيٺل سنڌ سان زياتيءَ ڪري رھيو آھي تڏھن سنڌ جو ماڻھو ھر فورم تي ان خلاف دانھن ڪندي اڀو ٿي ويو آھي.
پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي وزير سردار شاهه چيو آھي ته ارسا جون سنڌ سان زيادتيون نئين ڳالهھ ناھي، سنڌ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيئي رھي آھي، ارسا معاهدي ۾ رڳو سطح تي موجود پاڻي جو معاملو طئي ڪيو ويو، هاڻ وقت اچي ويو آهي جو اسين زمين جي اندر موجود پاڻي جو به حساب وٺون، جيئن زمين اندر ٻيا وسيلا پورو ملڪ گڏجي استعمال ڪندو آھي. ھو ڪراچيءَ ۾ ستين سنڌ لٽريچر فيسٽيول دوران تقرير ڪري رھيو ھو. ھن جو چوڻ ھو تھ ارسا معاهدي ۾ زمين جي هيٺان موجود پاڻي جي استعمال کي به شامل ڪيو وڃي، ڇو ته وفاق جي ماضي جي غلط فيصلن جي ڪري سنڌ جي زمين اندر موجود پاڻي استعمال جي لائق نه رهيو آهي. هن گھر ڪئي ته وفاق ملڪ ۾ موجود استعمال لائق هر قسم جي آبي ذخيرن کي انصاف سان ورهائي. ھن واضح ڪيو تھ پاڻي جا ماهر ٻڌائي چڪا آهن ته هر سال 10 لک ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ لازمي آهي، جيڪڏهن لاپرواهي ٿي ته بدين، ٺٽو، ۽ سجاول سمنڊ اندر ٻڏي ويندا. ماھرن خبردار ڪيو آھي تھ سن 2060 تائين ڪراچي به سمنڊ جي اثر هيٺ اچي ويندو.
صوبائي وزير جو چوڻ ھو تھ سنڌ جي هڪ ڪروڙ 20 لک ايڪڙ زمين پوک لائق آهي، پر اونهاري جي مند ۾ رڳو 45 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. جنھن ڪري ھاڻي وڌيڪ ڪئنال ٺهڻ جي صورت ۾ گڊو کان هيٺ پاڻي نه پهچي سگهندو.ھن چيو تھ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ديواني جا خواب ڏيکاريا پيا وڃن، پر سنڌ ڪينالن واري منصوبي کي ڪڏھن قبول نه ئي ڪندي.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته وفاق سنڌو درياھ کي قيد ڪري رھيو آھي. وفاق ٻڌائي ته توھان کي ڪئنال کپن يا پاڪستان کپي، اسين سنڌو درياھ تي نوان ڪينال ٺاهڻ جي منصوبي کي رد ڪريون ٿا، سنڌ جي پاڻي، زمين ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪندا سين، هن چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جي دل آھي. حڪمران سنڌ جي دل ڪڍي رھيا آھن، دل کانسواءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ 7ڪروڙ سنڌي آھستي آھستي اڃ ۽ بک ۾ مري ويندا. ھن جو چوڻ ھو تھ گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جي رٿا آھي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ وارو عمل انسان دشمن آھي.
هن چيو ته وفاق سنڌ سان بجلي، گئس، ٽيڪس ۽ پاڻي جي حوالي سان زيادتيون بند ڪري، وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي ملازمن سان تعصب وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي. مسئلن جو حل عدالتي ٽڪراءُ نه پر هڪ منصفانه، شفاف ۽ جمهوري وفاق آهي. ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري چيو آھي سنڌ جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، سنڌو درياھ تي ڇھه ڪينال ٺاھيا پيا وڃن پر سنڌو درياھ ۾ واڌو پاڻي ڪونھي، هتي اها ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ٻوڏ دوران ڪئنالن کي پاڻي ملندو جيڪو غلط منطق آھي.
نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته چولستان ڪينال ديواني جو خواب آھي اسان جي ڳڻتي صرف چولستان ڪينال يا چار ھزار ڪيوسڪ پاڻي جي ناھي پر گريٽر چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪئنال تي ٽي نوان ڊيم ۽ نوان ڪينال ٺھندا. جنھن جو ڪمانڊ ايرا سٺ لک ايڪڙ زمين آھي، گريٽر چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪئنال کي ملائي 80 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي. سندس چوڻ ھو تھ ھن اسڪيم کي انگريزن رد ڪيو ھئو ، ھڪ صدي اڳ به ڪوڙا انگ اکر ڏنا ويا ھئا ھاڻي به ڪوڙا انگ اکر ڏنا پيا وڃن. ھن چيو ته گھٽ ۾ گھٽ 35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي کوٽ آھي، موسمياتي تبديلين سبب سنڌ ۾ ڏڪار جو خدشو آھي سسٽم ۾ پاڻي ڪونھي سنڌ سان وڏو فراڊ ٿي رھيو آھي.
اسان سمجھون ٿا تھ سنڌ جي سموري انسانن،جانورن،پکي پکڻ کان ويندي، ھتي جي زمين، ڇوڙ واري ڀاڱي جو جياپو سنڌو درياھ آھي.جنھن ۾ اڳي بھ مقرر ڪيل مقدار کان ھر موسم ۾ گھٽ پاڻي ملي ٿو.جنھن ڪري سنڌ جي ڪوسٽل بيلٽ، سنڌ جي زمين، سنڌ جو سمنڊ ۽ تمر جا ٻيلا متاثر ٿي رھيا آھن.
وفاق جنھن طرح سان ضد ۽ انا جي گھوڙي تي چڙھي ڏنڊي سان ھر ڳالھھ قبول ڪرائي رھيو آھي اھڙي ريت دنيا ۾ ڪو بھ وفاقي سسٽم نھ ھلندو آھي، ان ڪري جيڪڏھن اھو سلسلو نه روڪيو ويو تھ سنڌ جو ماڻھو ان خلاف ختم نھ ٿيندڙ مزاحمت ڪندو. ڪنھن دور ۾ پاور جو محور رڳو طاقت ھئي، پوءِ پاور جو محور علم ۽ عقل ٿيو، ھن وقت بھ پاڻ ۾ گڏجي رھڻ جي لاءِ ھڪ مھذب ۽ سڌريل سماج ۾ ھڪ ٻئي جي حقن جو احترام ڪري ئي ۽ ھڪ ٻئي جي لاءِ مسئلن پئدا ڪرڻ بدران ھڪ ٻئي جي لاءِ سھولتون پئدا ڪري ئي رھي سگھجي ٿو. وفاق کي سنڌ جي ماڻھن جي ڳڻتي جو احساس ڪندي اجائي ضد تان لھڻ گھرجي، بي صورت ۾ ان جو تمام وڏو نقصان ٿيندو.جنھن جو پورائو ٿيڻ شايد وري ممڪن نھ ھجي.