باڊھه (ن ع آ) باڊهھ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڪراچي ۾ بيدردي سان شهيد ڪيل پورهيت باڊھ واسي نوجوان زاهد ميراڻي جي ناحق قتل خلاف پارٽي اڳواڻن مير مرتضيٰ گوپانگ، لالا عبدالغفور ساريو، بلاول جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ مختلف سياسي،سماجي اڳواڻن ڪامريڊ منور نوناري، دودو ديشي، مشتاق گوپانگ، شفيق گوپانگ،ڪامران ميراڻي، صفدر ڏهوٽ، وقار جوڻيجو،بلاول جوڻيجو، نور ساريو، صداقت سنجراڻي،سلمان سنجراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مير مرتضيٰ گوپانگ، ڪامريڊ عبدالغفور ساريو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي تي پنھنجي ئي وارثن کي ڇريون هڻي قتل ڪيو ٿو وڃي جيڪا ڌرتي ڌڻين سان سراسر زيادتي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته گلشن حديد جي بچت بازار ۾ باڊھ جي نوجوان پورهيت زاهد ميراڻي کي سامان جو اسٽال هڻڻ تان هڪ پٺاڻ زمين خان پاران ساٿين سان گڏجي قتل ڪرڻ واري واقعي جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.هنن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ گهرو کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته فورن باڊھ واسي مقتول زاهد ميراڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.