روزاني عوامي آواز ۾ خبرون لڳڻ بعد نصير ڪينال تي پل ٺاهڻ جو فيصلو

بدين ( رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) روزاني عوامي آواز بدين واسين جو آواز بڻجي وئي، بدين ۾ نصير ڪينال تي پل نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن پاران نياڻين کي ڪلهن تي کڻي پاڻي مان گذرڻ جون خبرون روزاني عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ تي سنڌ حڪومت نوٽيس وٺندي پل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.  نصير ڪئنال تي گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي تعلقي ماتلي ضلعي بدين ۾ ٻارڙن لاءِ  پل نه هجڻ   واري مسئلي تي عوامي آواز شاگردن جو آواز بڻجي وئي.  نصير ڪئنال تي اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي اسڪول وٽ پل نه هجڻ واري شايع ٿيندڙ عوامي آواز جي خبر جو  ترجمان  ايجوڪيشن لٽريسي سنڌ نوٽيس وٺندي بيان جاري ڪندي  چيو ته نصير ڪئنال جي ساڄي ڪپ تي گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي تعلقو ماتلي ضلعو بدين ۾  470 ٻار تعليم پرائي رهيا آهن. جڏهن ته پسگردائي جا ڪجهه ڳوٺ جيڪي ڪينال جي کاٻي پاسي تي آهن انهن ٻارن کي اسڪول جي اچ وڃ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي تنھن ڪري نئين پل تعمير ڪرائي ويندي، ٻارن خاص ڪري نياڻين جي تعليم جي سهولت لاءِ نئين پل جي تعمير بابت لاڳاپيل عملدارن پل ٺھڻ واري خبر جيئن ئي علائقي واسين  کي پئي آھي ته انهن  خوشي جو اظھار ڪندي عوامي آواز ميڊيا گروپ جا ٿورا مڃيا آھن. ياد رهي ته ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جون اھي سموريون دعوائون ڪوڙيون ثابت  ٿيون جن ۾ ضلعي انفارميشن کاتي بدين  پاران بيان  ڪيو ويو هو ته  پل موجود آهي، پر عوامي آواز ميڊيا گروپ ان سموري معاملي تي ڄمي ڪري معصوم ٻارڙن جي زندگي خطري ۾ ھجڻ جون خبرون  شايع  ڪندي رھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.