سيد جي سالگرهه تي ڪينالن خلاف گڏجي تحريڪ جو اعلان ڪنداسين

حيدرآباد( پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي تہ پنجاب 77 سالن کان پنهنجي ڏاڍ جبر جي  بنياد تي غيرقانوني طرح پاڻي کڻندو رهيو آھي. ۽ سنڌ  اندر هي تباهي ڪئي آھي سنڌ جي جر مان مٺو پاڻي  ختم ٿي ويو آھي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي مستقل جيڪو پاڻي ملڻ کپي اهو نٿو ڏنو ٿو وڃي. حيدرآباد سخي ستارڏنو چولياڻي هائوس تي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته سنڌ کي هر سال 30 کان پنجاھ سيڪڙو پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي منهن  ڏيڻو پوي ٿو پنجاب جواز ڄاڻائي ٿو تہ پاڻي جي کوٽ آھي ڇو تہ پنجاب 1945 جي ٺاھ کان وٺي اڄ تائين 91 جي  پاڻي ٺاھہ جي توهين ڪري ٿو. هو پنهنجي عددي اڪثريت ۽ عسڪري طاقت جي ذريعي پاڻي کڻي پيو.  ڪراچي کي وفاق طرفان الڳ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هيو پر  وفاق اسلام آباد کي ته پاڻي ڏي ٿو ڪراچي کي اهو پاڻي نٿو ملي. پيپلزپارٽي جي سرڪار پنهنجي اقتدار کي ڊيگھہ ڏيڻ لاءَ سنڌ کي خطري ۾ وجهي رهي آھي پنجاب  سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍي رهيو آھي.جنهن جو ڪم شروع ٿي ويو آھي پيپلزپارٽي جي قيادت  اسلام آباد کي رڳو  خط لکي  پنهنجو فيس ويليو بچائڻ چاهي ٿي ته سي سي آءَ  جو اجلاس گهرايو پر عملن اها زميني حقيقت ۽ ڪڙو سچ  آھي ته  فيڊريشن ۾ سڀني کان وڌيڪ پئسا سنڌ وجهي ٿي پر اهو ناڻو پنجاب ۾ غيرقانوني ٺهندڙ ڪئنالن تي خرچ ٿئي پيو. جيئي سنڌ محاذ پاليسي ساز اداري جي ٻن ڏينهن واري هلندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آھي ته جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ ۽ ڏاڍ جي بنياد تي پاڻي ڦرڻ خلاف رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگره تي سن ۾ قومي اجتماع ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا  ان قومي اجتماع ۾ سنڌ جي سڀني قومي ڌُرين کي دعوت ڏئي سن جي ميدان تي گڏ ڪنداسين ته جيئن ڪئنالن خلاف  قومي بقا ترقي ۽ تعمير لاءِ پنهنجا  وسيلا بچائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪري سگهون اهڙي جدوجهد ڪيون  جيئن سنڌ جي ماڻھن ون يونٽ واري جدوجهد ڪئي هئي ۽ متحد ٿي ڊاهيو هيو ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪئي هئي ۽ ٻٽي بلدياتي نظام کي رد ڪيو هيو  هن وقت به سنڌ دوست ڌُرين وٽ وينداسين ۽ دعوت عرض رکنداسين جيئن سائين جي ايم سيد جي سالگره جي ڏينهن تي گڏيل جدوجهد جو اعلان ڪيون. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ۽ رضا زنگيجو کي پوليس قتل ڪيو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا  جيڪو عدالت کان مٿانهن قتل آھي ته ٻئي طرف ڪراچي ۾ غيرقانوني رهندڙ ڌارين کي ايترو طاقتور ڪيو آھي جو ڌرتي ڌڻين کي قتل ڪري رهيا آھن جنهن جو تازو  مثال 2 ڏينهن اڳ ڪراچي جي گلشن حديد ۾ ڌارين هٿان زهد ميراڻي  قتل ٿيو آھي. پريس ڪانفرنس ۾ مرڪزي اڳواڻ ممتاز بروهي، غفارميرجت، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي. ضمير حاجاڻي ابرار مورائي ۽ ٻيا موجود هيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.