تنگواڻي ( ن ع آ ) تنگواڻي ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ شريف باجڪاڻي ۾ باجڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙو لٺيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو اسلم عرف دنگل پٽ فقير محمد باجڪاڻي قتل لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو نه گرفتاري عمل ۾ آئي هئي.