اسلام آباد(م ڊ) ايف آءِ اي اسلام آباد جي سائبر ڪرائم ونگ 24 نومبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج جي ڪوريج ڪندڙ درجنين صحافين ۽ وي لاگرز خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن، پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيسن ۾ نامزد جوابدارن تي رياستي ادارن خلاف ڪوڙا بيان پکيڙڻ ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جا الزام آهن.ڪيسن ۾ صحافي هرميت سنگهه، احمد نوراني، عبدالقادر، حسنين رفيق، سلمان دراني، عمران کٽانه، مريم شفقت ملڪ ۽ رضوان احمد خان کي نامزد ڪيو ويو آهي.