بدين /مٽياري/کيبر ( نمائندن وٽان ) بدين ويجهو پنگريو لڳ ڳوٺ علي خان گاڏيواڻ ۾ حرن جي روحاني پيشوا جي ڊي سربراھه پير صبغت الله شاھ راشدي پير سائين پاڳارو لکين مريدن کي ديدار ڪرائڻ بعد خطاب ڪندي فرمايو ته پنھنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو توھان ذات پات کي ڇڏي پنھنجي اولاد کي سٺي خاندان ۾نياڻين جا رشتا ڏيو ۽ وٺو ۽ پنھنجي اولاد کي نشي آور شين کان بچايو جيڪڏھن اولاد نشائي ھوندو ته مائٽن ۽ پاڙيوارن لاءِ آزار ھوندو، پير سائين پاڳاري وڌيڪ چيو ته ھي ملڪ وڏين قربانين سان وجود ۾آيو، ڪجهھ وقت ملڪ دھشتگردن جي لپيٽ ۾ اچي ويو پر اسان جي بھادر فوج دھشتگردن ختم ڪري ملڪ ۾ امن امان قائم ڪيو آھي موجوده حڪمرانن ملڪ کي تباهھ ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري ملڪ ھن وقت نازڪ دور مان پيو گذري رهيو آهي، اسين پنھنجي فوج جا ھٿ مضبوط ڪريون جئين ملڪ جي سلامتي کي ڪو خطرو نه ٿئي.ٻئي پاسي جي ڊي اي سربراھه ۽ حرن جو روحاني پيشوا پير صاحب پاڳارو سنڌ ۾ مريدن جي دعوتن جي سلسلي ۾پوري سنڌ جي دوري تي نڪتل آھن ان سلسلي ۾ پير پاڳارو مٽياري ۾ سيد خدا ڏنو شاهھ ڄاموٽ ھائوس پھچي ڄاموٽ سردار سيد خدا ڏنو شاھه ڄاموٽ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير جي ڊي اي اڳواڻ سيد حاجي جلال شاهه ڄاموٽ سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هوڏانهن کيبر ويجهو پير پاڳارو سيکاٽ ۾ جمشيد سمون جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي پير پاڳارو جو سيکاٽ پهچڻ تي سمان برادري سان گڏ سوين عقيدتمندن ۽ مريدن ۽ عورت مريدياڻين استقبال ڪيو جتي پير پاڳاري جي روحاني ديدار جي اوسيئڙي ۾ سوين مريد گڏ ٿي ويا .