چين سان ميڊيڪل سٽي سميت 5 معاهدن تي صحيحون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي مدد سان، چيني ۽ پاڪستاني سفارتڪارن ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ، صحت، توانائي ۽ زراعت  جي پنجن منصوبن تي معاهدي (ايم او يوز) تي صححيون ڪيون آهن. منصوبن ۾ مقامي سطح تي اليڪٽرڪ ڪار ۽ سولر پينل ٺاهڻ، سست رليز ڦرٽيلائيزر، الجي فارمنگ، ۽ ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ميڊيڪل سٽي جو قيام شامل آهن. تقريب ۾ توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته چيني واپارين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي ۽ سنڌ حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. ڌابيجي زون ۾ صنعت لڳائڻ لاءِ ڏهن سالن جي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي. هن زور ڏنو ته سي پيڪ منصوبا نه رڳو ڪوريڊور آهن، پر پاڪستان جي معيشت لاءِ اهم آهن. هن چيو ته ميڊيڪل سٽي سان 50 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ۽ ماحول دوست اي وي ٽيڪسي سروس جلد شروع ڪئي ويندي. ان موقعي تي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته توانائي واري شعبي ۾ سولر پارڪ ۽ ڪول گيسيفڪيشن منصوبا به عوام لاءِ مددگار ثابت ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.