اسلام آباد(فخر دراني) جنرل(ر) فيض حميد خلاف ٽرائل هڪ مهيني اندر مڪمل ٿي ويندو،جنهن بعد فيصلي جو اعلان ڪيو ويندو، سمري آف ايونڊس مڪمل ٿيڻ بعد هن جو ٽرائل شروع ٿيندو،فيض حميد جو سڀ کان وڏو ڏوهه جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري ۾ رنڊڪون وجهڻ آهي،فيض حميد ۽ عمران خان گڏجي جنرل عاصم منير جي مقرري روڪرائڻ لاءِ وڏا هٿ پير هنيا،گذريل سال پي ٽي آءِ لانگ مارچ به ڪيو هو، فيض حميد فوج اندر بغاوت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، رٽائرمينٽ کانپوءِ سياست ۾ مداخلت تي فيض حميد کي ٻه ٽي ڀيرا وارننگ به ڏني وئي هئي، عمران خان ۽ فيض حميد 22 نومبر تي آرمي چيف جي مقرري روڪرائڻ ۽ 9 مئي جي واقعن جي پلاننگ ڪئي، جڏهن ته فيض حميد تي ڇهه ٻيا الزام به آهن،فيض حميد جي بئنڪ اڪائونٽس جي ٽرانزيڪشن به هن جي آمدني سان مسابقت نه پئي رکي،هن خلاف ڪرپشن جا الزام به ثابت ٿيا، ڪور ڪمانڊر پشاور طور مقرري دوران به هن سياسي سرگرمين ۾ حصو ورتو،ڳجهي طور هو عمران خان سان رابطي ۾ هو ۽ ملاقاتون به ڪيون، هو چڪوال ۾ پنهنجي فارم هائوس ٺاهڻ لاءِ پئسا ڪٿان آندا بابت سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو، ٽاپ سٽي تي قبضي جي حوالي سان به هن تي الزام ثابت ٿي ويا آهن، هاڻي عمران خان بابت فوج جي ڪهڙي پاليسي هوندي؟ ذريعن مطابق اهو رڳو فيض حميد جو فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل هو، عمران خان بابت آءِ ايس پي آر جي پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سياسي پارٽي ۽ انهن جي اڳواڻن جي ملوث هئڻ بابت جاچ جاري آهي،ان جو مطلب ته عمران خان جي فوجي عدالت ۾ ٽرائل جي حوالي سان ميدان ٺاهيو ويو آهي ٻئي مرحلي ۾ عمران خان کي ان ڪيس ۾ شريڪ جوابدار کي پيش ڪيو ويندو،