پشاور(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته حڪومت سنجيده ڳالهيون نه ڪيون ته 14 ڊسمبر کان سول نافرماني جو اعلان ڪيو ويندو.پشاور مان جاري ڪيل بيان ۾ شوڪت يوسفزئي چيو ته پي ٽي آءِ احتجاج ۽ ڳالهين لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، ڳالهين جي نتيجي تائين احتجاج جاري رهندو.هن چيو ته عمر ايوب جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني مذاڪراتي ڪميٽي لائحه عمل جو اعلان ڪندي، پارٽي اڳواڻن گذريل ڏينهن احتجاجي تحريڪ ۽ ڳالهين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.سندس چوڻ هو ته حڪومت جيڪو به ڪري، پي ٽي آءِ پنهنجي مطالبن تان پوئتي نه هٽندي، ڪنهن سياسي پارٽي کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جمهوريت جي نفي آهي.