زوب ۾ آپريشن،15 خارجي مارجي ويا

ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي سمبازا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 15 خارجي مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز زوب جي علائقي سمبازا ۾ آپريشن ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ 15 خوارج مارجي ويا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب خارجين سان جهيڙي جي نتيجي ۾ سپاهي عارف الرحمان شهيد ٿي ويو.

  1. جنسي زيادتي جي ڪيسن جي ڪا به ڊيٽا ناهي:جسٽس عائشه ملڪ

اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج جسٽس عائشه ملڪ چيو آهي ته اڄ تائين ڪو به نٿو ٻڌائي سگهي ته ملڪ ۾ جنسي ڏاڍائي جا ڪيترا ڪيس ٿيا آهن، جنسي زيادتي جي ڪيسن جي ڪا به ڊيٽا ناهي.اسلام آباد ۾ صنفي  تشدد بابت سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو مطلب مغربي ڪلچر جو فروغ ناهي، اسان چاهيون ٿا ته عورتن کي عزت ۽ وقار سان زندگي گذارڻ لاءِ مڪمل آزادي، عزت ۽ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن هن وڌيڪ چيو ته ريپ جي ڪيسن لاءِ به خاص عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، بدقسمتي سان رڳو عورتن کي جنسي يا گهريلو تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، ذهنيت کي تبديل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، عورتن کي رڳو مائرون ۽ ڀينرون چوڻ ڪافي ناهي حفاظت ڪرڻ گهرجي.

  1. پيرسن والد چئن ڌيئرن جي بازيابي لاءِ عدالت پهچي ويو

ڪراچي ( رپورٽر) گم ٿيل چئن نياڻين جي بازيابي لاءِ بزرگ شهري عدالت پهچي ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئن ڌيئرن جي بازيابي لاءِ بزرگ شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذار علي گل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي  دوران درخواستگذار چيو ته منهنجي 4 ڌيئرن کي اغوا ڪيو ويو، ڪا خبر ناهي ته منهنجيون ڌيئرون مري ويون آهن يا زنده آهن. درخواستگذار چيو ته پهرين ڌيئرون 2017 ۾ اغوا ڪيون ويون ۽ 2019 ۾ بازياب ڪرايو ويون، ڪيس به داخل ڪيو ويو، 2019 ۾ منهنجي ڌيئرن کي ٻيهر اغوا ڪيو ويو، ان کان پوءِ منهنجي نياڻين جو ڪو به پتو ناهي.گم ٿيل ڇوڪرين جي پيءُ عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ڌيءَ جي نالي مان ته پيءُ جو نالو به تبديل ڪيو ويو، هن ڌيءَ کي پنجاب جي عدالت ۾ پيش ڪري شادي ڪرڻ جو ٻڌايو ويو، نه ته منهنجي ڌيءَ جو بيان ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي سندس پاڻ کي سامهون آندو پيو وڃي ، جيڪڏهن هن شادي ڪئي آهي ته آءُ خوش ٿيندس، مونکي ڌيءَ سان ملايو ته وڃي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي به پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،  جنهن بعد عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.