ڪراچي)م ڊ) ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ امان الله آفريدي کي ڪالهه صبح سوير قتل ڪيو ويو، امان الله آفريدي بلديا ٽائون نمبر 7 ۾ فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته مٿس هٿياربند پٺيان کان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي آهي. مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، وارث لاش پشاور کڻائي ويا، امان الله آفريدي مسلم ليگ سنڌ جو اڳواڻ هو، هو يوسي پنچ عابد آباد جو اڳوڻو چيئرمين هو، ايس ايس پي ڪياماڙي فيضان علي جو چوڻ آهي ته واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ يا ڦرلٽ مزاحمت جو؟ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.