ڪارڪنن کي گوليون هڻڻ جو حڪم شهباز شريف ڏنو: عمر ايوب

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي  تي ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اسان جي بيگناهه ڪارڪنن کي گوليون هڻڻ جو حڪم شهباز شريف ڏنو، ماڊل ٽائون ۽ 26 نومبر جي خون ۾ شهباز شريف جا هٿ آهن، اسان جي ڪارڪنن جا لاش اسپتالن مان غائب ٿي ويا، انڪوائري ڪميشن جاچ ڪري ته پرامن مظاهرين تي گوليون ڇو هلايون ويون؟ هن چيو ته تحريڪ انصاف جا 12 ڪارڪن شهيد ۽ 200 زخمي ٿيا، جڏهن ته پنج هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن تي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته گنڊاپور جي گارڊن پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي فائرنگ ڪئي، پي ٽي آءِ 26 نومبر تي جن ڳالهين تي اتفاق ڪيو، جيڪڏهن اهي منظر عام تي آيون ته کين وڌيڪ ڀوڳڻو پوندو، 26 نومبر کي 12 کان 13 ڏينهن ٿي ويا آهن پر اڃا تائين خبر ناهي ته مارجي ويلن جو انگ 12 آهي يا 278 آهي؟ مخالف ڌر جي اڳواڻ جن 12 فوتين جو ذڪر ڪيو آهي، انهن جو اڃا تائين ڪو به سڃاڻپ ڪارڊ، جنازي، قبر يا وارث سامهون نه آيا آهن، سول نافرمانيءَ جا ڪي به آثار نه آهن. منهنجو چئلينج آهي ته ڪو به پاڪستاني بل ادا ڪرڻ کان انڪار نه ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.