ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي ترقياتي ڪمن وارين جاري اسڪيمن کي هن سال ئي مڪمل ڪيو وڃي، خاص ڪري اهي منصوبا جن تي 100 سيڪڙو رقم رليز ٿي چڪي آهي، ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، سمورا ادارا ترقياتي ڪمن ۾ سنجيدگي ڏيکاري نھ رهيا آهن، جيڪڏهن سنجيدگي نه ڏيکاري وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، واٽر بورڊ، ايم ڊي اي، ايل ڊي اي، ڪلڪتي ۽ ايس ڊبليو آءِ پي ۾ سالياني ترقياتي اسڪيمن جي مڪمل ڪم رپورٽ ايندڙ هڪ هفتي ۾ پيش ڪئي وڃي ۽ جيڪي اسڪيمون هن سال مڪمل ٿيڻيون آهن انهن کي هر صورت ۾ پيش ڪيو وڃي، سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن، ڊپٽي ڊائريڪٽرن ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن کي هر ھڪ ڪائونسل جي ماھوار رپورٽ پيش ڪرڻي پوندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن مختلف اجلاسن جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ سيد خالد حيدر شاهه، اسپيشل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ پي ڊي ڪليڪ عائشه حميد، شيخ عبدالغني، ايم سي ڪي ايم سي افضل زيدي، ڊي جي ڪي ڊي اي الطاف گوهر ميمڻ، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان، ڊي جي ايل ڊي اي صفدر باغيو، ڊي جي ايم ڊي اي نجم الدين سهتو، پي ڊي سوپ دادلو زهراڻي، پي ڊي ميگا پروجيڪٽ ڪراچي سيد عباس علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سعيد غني ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترن ئي کاتن مڪمل رپورٽ تيار نه ڪئي ۽ ڪيترن ئي منصوبن تي 100 سيڪڙو فنڊ جاري ڪرڻ باوجود منصوبا مڪمل ناھن ٿيا ۽ نه ئي ان جي مڪمل ٿيڻ جي رپورٽ ڏني وئي آھي. هن چيو ته اربين روپين جا ترقياتي منصوبا عوام جي ڀلائي ۽ رليف ڏيڻ لاءِ مھيا ڪيا وڃن ٿا، پر ادارن جي سستي ۽ غير اثرائتي منصوبابندي سبب مقرر وقت اندر مڪمل نه ٿيڻ سنڌ حڪومت جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا، اتي به ماڻهو بھ ڏکيائين سان منهن ڏئي رهيا آهن.