سڪرنڊ ۾ ڪچو ٺرو واپرائڻ سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، انگ 6 ٿي ويو

سڪرنڊ( رپورٽ: راج ڪمار وڏ) سڪرنڊ لڳ ڪچو زهريلو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ 2 ماڻھو فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آھي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن به مبينا طور ڪچو شراب واپرائڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته ٻن ڄڻن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو هو، اڄ ٻن فوت ٿيلن ۾ تعلقي نواب شاھه جي ڳوٺ ارباب زرداري جو رھواسي ھوٽل جو مزدور بشير احمد زرداري ۽ پي ڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش بروهي جو رھواسي بال بروهي ولد سليمان بروهي شامل آھن، جڏهن ته گذريل ڏينھن سڪرنڊ ڀرسان پي ڪي ٿاڻي جي حد جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران زهريلو شراب واپرائڻ سبب چار ڄڻا فوت ٿي ويا ھئا جن ۾ انتظار کوسو، عبدالسلام چانڊيو، مشتاق جوکيو ۽ مور کوسو شامل هئا، جڏهن ته ٻن بيھوش ٿيلن عمران بروهي ۽ يوسف چانڊيو کي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، واقعي بعد ايس ايس پي تنوير حسين تنيو نوٽيس وٺي پي ڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد اقبال راجپوت کي معطل ڪري انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. ٻئي پاسي ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن جو ڪيس سرڪار پاران پي ڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سردار علي عمراڻي جي فرياد تي ٻن منشيات فروشن دلبر کوسو ۽ عنايت عرف اوني کوسو مٿان گناھ نمبر 44/2024 تحت داخل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.