ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) پ پ پ سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار کھڙو چيو آھي ته پاڻي جو معاملو انتهائي سنگين آھي صوبن جي مرضي کانسواءِ سنڌو درياءِ جي پاڻي بابت ڪوبه فيصلو آئيني ۽ قانوني طور نٿو ڪري سگهجي، ضرورت پئي ته ارسا ايڪٽ جي ترميم جيان تڪراري ڪئنالن خلاف به سنڌ اسيمبلي جي فلور تي رٿ آڻي قرارداد منظور ڪرائي ويندي، ڪالهه شيرازي ھائوس ٺٽي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي چوٿين ورسي کي خطاب هن چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي اڃا تائين سي سي آءِ جو اجلاس طلب ناهي ڪيو ويو پر سي سي آءِ هجي يا ايڪنڪ هجي يا ٻيو ڪو فورم، پيپلزپارٽي سنڌو دريا تي ڪئنالن واري تڪراري منصوبي کي هر فورم تي سختي سان نندا ڪندي رد ڪرائيندي، ورسي تقريب کي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت شاھ شيرازي، ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو ته سيد اعجاز شيرازي هميشه عوام جي خدمت ڪئي، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ پاڻي ڪيس ڀرپور نموني وڙھي رهيا آھن، پاڪ فوج دنيا جي مڃيل ترين فوج آھي، اسان کي ان جا اڃان به ھٿ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گھرجن، ورسي تقريب کي سنڌ ڪابينا جي ميمبرن صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي صلاحڪارن نجمي عالم، سرفراز راڄپر، محمد عثمان ھنڱورجو، صادق علي ميمڻ، غلام قادر پليجو، عاشق حسين زرداري، ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور، امتياز قريشي، محمود عالم شاھ بخاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.