بهرام ڀرسان نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ

بھرام (ن ع آ )  بهرام ڀرسان ڳوٺ علي محمد اھير  ڀرسان 22ورهين جي نوجوان جو  گولي لڳل لاش ھٿ آيو، اھڙو اطلاع بھرام ٿاڻي تي ڏنو ويو ، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقي اسپتال ميروخان کڻائي وئي جڏهن ته  لاش جي سڃاڻپ 22 ورھين جي محمد محسن ولد محمد حسن بروھي ڳوٺ جمع خان بروھي طور ٿي آھي ، ھوڏانهن اھڙي واقعي جو اطلاع مقتول جي وارثن کي ڏنو ويو ته مقتول جي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو  جڏهن ته قتل جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌائي وڃي ٿي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.