نيويارڪ(رضا رومي)ناليواري ليکڪه عائشا صديقا چيو آهي ته فيض حميد خلاف ڪارروائي عمران خان لاءِ سگنل آهي،ڪورٽ مارشل جي حوالي سان پسنديده صحافين ذريعي ئي خبرون ليڪ ڪرايون وينديون،ان جو فيصلو اچي ويندو، ان ڪيس جو ٻيو مرحلو اهم هوندو، هن چيو ته 9 مئي جي حوالي سان جيڪڏهن ثابت ٿيو ته پوءِ عمران خان جو ٽرائل به فوجي عدالت ۾ ٿيندو، ڏسڻو پوندو ته اسٽيبلشمينٽ اهو ڪري ٿي يا نه؟ جيڪڏهن اهو ڪري به وٺن تڏهن به عمران خان جي مقبوليت گهٽ نه ٿيندي،هن چيو ته ان ڪيس ۾ اسٽيبلشمينٽ اهو به پيغام ڏنو آهي ته اسان پنهنجي اداري اندر ڪنٽرول برقرار رکنداسين،عمران خان جيڪڏهن نه سڌريو ته پوءِ ان جو به ٽرائل ٿي سگهي ٿو، عمران خان وٽ آپشن گهٽ ٿيندا وڃن، هن کي جيڪي ڪالون ڏيڻيون هيون جيتري رٿابندي ڪرڻي هئي اهي سڀ جو سڀ سامهون اچي چڪيون آهن،پي ٽي آءِ جا ڪارڊز ختم ٿي چڪا آهن،هن چيو ته عمران خان کي سياسي قوتن سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، بي شڪ 2024ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي پر هن کي سياسي عمل جو حصو ٿيڻو پوندو،سياسي مخالف به خوش ٿي هن سان ڳالهيون نه ڪندا،هن چيو ته 2017ع ۾ هڪ چونڊيل حڪومت کي ختم ڪرايو ويو تڏهن معاشي حالتون به بهتر هيون، ان ۾ جنرل باجوا ملوث هو، هڪ شخص(فيض حميد) جو ٽرائل اداري اندر احتساب نه چئبو،اهو ته ذاتي دشمني جي ڪهاڻي آهي،ان تي اسان تاڙيون وڄايون ته هاڻي فوج سياست نه ڪندي ڳالهه اها آهي ته سياسي فوج سياست ۾ ڇو نه ايندي،واٽس ايپ تي سپهه سالار جي تعريف ۾ جيڪي پيغام اچي رهيا آهن،اهي سمورا قدم ته هڪ سياسي آرگنائزيشن جي حرڪت آهي،اداري جي سياست ۾ مداخلت بند نه ٿيندي،هن چيو ته سياسي قوتن کي ڪو رستو ڪڍڻو پوندو، ٿي سگهي ٿو ته ان لاءِ هڪ ٻيو ميثاق جمهوريت ٺهي جنهن لاءِ هن وقت اسين بلڪل به تيار ناهيون.