ماڻهن کي انساني حقن بابت ڄاڻ ناهي، آگاهي ڏيڻ ضروري آهي: لياقت ابڙو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي بار پاران انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي تقريب منعقدڪئي . انساني حقن  ايڪٽيوسٽ ڊاڪٽر لياقت علي ابڙو چيو ته  اسان جي چوڌاري ڪجهه ماڻهن کي هيومن رائيٽس بابت ڄاڻ آهي ته ڪجهه کي ناهي، هئي بنيادي حق آئين ۾ مليل آهن، مسئلو اهيو آهي هيومن رائيٽس بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت پاران به انساني حقن  بابت آگاهي پروگرام ڪرائڻ گهرجن، هزارن جي تعداد ۾ماڻهون جيلن ۾ بند آهي، سوسائٽي ۾ وائيولينس به آهي، اهڙي وائيولينس کان ڪيئن محفوظ رهي سگهجي ٿو، ان لاءِ سوسائٽي ۾ آگاهي جي سخت ضرورت آهي. هيومن رائيس ايڪٽيوسٽ علي پلي چيو ته يونيورسل ڊڪليريشن آف رائيٽس جي به آگاهي هجڻ گهرجي، رياست جي زميداري آهي ته انساني حقن جو تحفظ ڪري، سماجي انصاف کي به سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي، سوشل جسٽس کي هر ڪوئي سمجهي ٿو، اسانجي معاشري ۾ عدالتي حڪمن تي عمل به ناهي ٿي رهيو، معاشري ۾ سوشل جسٽس به تمام ضروري آهي، هڪ ٻئي جي حقن جو تحفظ به ڪرڻ گهرجي.چئيرمين هيومن رائيس ڪراچي بار ايسوسيئشن زاهد سومرو چيو ته  ڪراچي بار هميشه انساني حقن جي ڳالهه ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.